اپوزيشن اتحاد جي حوالي سان اهم سياسي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر ڊاڪٽر سيف گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) سربراهه پير پاڳاري سان اهم ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سينئر سياستدان محمد علي دراني به موجود هو.
انهي موقعي تي پير پاڳاري پي ٽي آءِ باني عمران خان لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خير سگالي جو پيغام پهچايو. بيرسٽر ڊاڪٽر سيف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان پير پاڳاري ۽ جي ڊي اي جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.
ملاقات جي دوران اڳواڻن جي سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جي حوالي سان اهم مشاورت ٿي، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ مشاورت تي اتفاق ڪيو، اجلاس ۾ مستقبل ۾ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
بيرسٽر سيف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو جنهن تي پير پاڳاري انهي لاءِ به جوابي خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو.
پير پاڳاري اپوزيشن کي ويجهو آڻڻ ۾ محمد علي دراني جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اپوزيشن پارٽين ۾ گڏيل رابطن لاءِ هو پنهنجو ڪردار وڌيڪ وڌائي، بيرسٽر سيف پارٽي قيادت طرفان اپوزيشن پارٽين ۾ رابطن جي حوالي سان محمد علي دراني جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي.