ملير: هالاڻي پريس ڪلب جي صدر ظفر اعواڻ جي وڏي ڀاءُ خالد سلطان اعواڻ جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صحافين پاران ڏک جو اظهار ڪندي ساڻس تعزيت ڪئي آهي. ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو، جنرل سيڪريٽري سيد رحيم شاهه، ليکڪ دلبر بروهي ۽ ٻين صحافين پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته هالاڻي پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي ظفر اعواڻ جي ڀاءَ خالد سلطان اعواڻ جي اوچتي فوت ٿيڻ تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪجي ٿو, سندس هن ڏک جي گهڙي ۾ اسين غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ مرحوم خالد سلطان اعواڻ کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.