اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دعويٰ سان چوان ٿو ته 50 سيڪڙو سينيٽرز پئسا ڏئي چونڊجي آيا آهن.
فيصل آباد ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ آئين ۽ قانون جي ڪابه حقيقت نه رهي آهي. رول آف لا نه هوندو ته معيشت ترقي نه ڪندي.
شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان اوڀر پاڪستان جي مينڊيٽ جو احترام نه ڪيو، جنهن سبب اڌ ملڪ وڃائي ڇڏيو. مون کي چونڊن کان اڳ خبر هئي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿيندي. انهي لاءِ مون انهي ۾ حصو نه ورتو. دعويٰ سان چوان ٿو ته 50 سيڪڙو سينيٽرز پئسا ڏئي چونڊجي آيا آهن پنهنجي پارٽي کي ٻڌايو هو ته اسان ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري سان گڏ آهيون.
هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ اليڪشن چوري ٿين ۽ عوام جي راءِ جو احترام نه هجي اهو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. ملڪ جي سمورين خرابين جو سبب صرف اليڪشن چوري آهي، هتي رات جي اونداهي ۾ آئيني ترميم ڪئي ويندي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 26هين آئيني ترميم کان پوءِ ججز جي مقرري انتظاميه جي حوالي ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن اها ترميم رهندي ته ملڪ جو انصاف وارو نظام وڌيڪ خراب ٿي ويندو. بار کي انهي تي آواز اٿارڻو پوندو.
شاهد خاقان چيو ته ججز ۽ بيورو ڪريسي سميت سڀني کان سوال هجڻ گهرجي ته ٽيڪس ڏيو ٿا يا نه، اسان وٽ حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا آهن، هڪ گادي واري شهر تي حملو ڪري ٿو ته ٻيو اڳيان کان گوليون هلائي ٿو.