ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وارثن کان لاش ڦري ان کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ مُک جوابدار مولوي احمد شاھاڻي ۽ محبوب ساند جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪيون ويون.
ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي عمرڪوٽ ۾ وارثن کان ڦري ان جي ڪفن دفن ۾رڪاوٽون وجھڻ ۽ لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ ضمانتن لاءِ ڏنل درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو اڄ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ٻڌائي ڇڏيو آھي.
ان ڏس ۾ ڪيس جي فريادي ۽ وڪيل ابراھيم ڪنڀر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل پيشي تي مٿي ڄاڻايل جوابدارن جي ضمانتن واري درخواستن تي بحث ٿيو ھو، اڄ عدالت ان ڏس ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تحت ڪيس ۾ مُک جوابدار مولوي احمد شاھاڻي ۽ محبوب ساند جون ضمانتن واريون درخواستون رد ڪيون ويون، جڏھن ته نويد پنھور نالي جوابدار جي ننڍي عمر ھجڻ سبب سندس ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي آھي.
ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ساڳئي ڪيس ۾ 15 ٻيا جوابدار پڻ پيش ٿيا، جن کي جوڊيشل رمانڊ تي ھڪ ڀيرو ٻيھر جيل موڪليو ويو آھي، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تي رکي وئي آھي.