وزيراعظم شهباز شريف 2 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. وفاقي اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن. شهباز شريف صاف پاڻي ۽ آبي ذخيرن جي حوالي سان رياض ۾ منعقد پاڻي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
سعودي عرب، فرانس، قزاقستان ۽ عالمي بينڪ جي تعاون سان منعقد ون پاڻي سربراهي اجلاس جو مقصد عالمي سطح تي عالمي تعاون ۽ اعليٰ سطحي سياسي ارادن جي ذريعي آبي ذخيرن جي بهتر انتظام ۽ تحفظ جو حصول يقيني بنائڻ آهي.
وزيراعظم سربراهي اجلاس جي دوران صاف پاڻي جي ذخيرن جي بحالي، تحفظ ۽ انهي حوالي سان جدت تي خطاب ڪندو جنهن ۾ اهي آبي ذخيرن جو تحفظ، ماحولياتي تبديلي سان بچاءُ جي تياري، پيئڻ جي پاڻي جي معيار جي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ آبي حيات جي تحفظ لاءِ حڪومت جي طرفان کنيل قدمن تي روشني وجهندا.
وزيراعظم ماحولياتي تبديلي سبب ايندڙ ٻوڏ، موسمن ۾ بي وقت تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جي آبي ذخيرن ۽ آبي حيات تي اثرن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي به روشني وجهندا.
وزيراعظم عالمي دنيا کي آبي وسيلن جي پائيدار، وبهتر انتظام لاءِ قدمن جي دعوت به ڏيندو. انهي موقعي تي وزيراعظم جون سربراهي اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جو به امڪان آهي.