اسلام آباد جي عدالت ڊي چوڪ ۾ احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ڪوهسار پوليس ڪيس ۾ 96 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا. عدالت چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر، اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب سميت شعيب شاهين، علي بخاري ۽ عامر مغل جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
جن اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ شير افضل مروت، خالد خورشيد ۽ فيصل جاويد به شامل آهن. دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان مشتاق الله، راشد ٽيپو، ذوالفي بخاري، سلمان اڪرم راجه، مراد سعيد ۽ رئوف حسن جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
عدالت ايم اين اي عبدالطيف، فاتح الملڪ، علي ناصر ۽ صوبائي وزير رياض خان جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. عدالت علي زمان، پير مصور، ميان خليق الرحمان، سهيل آفريدي، شهرام ترڪئي جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.