مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته حڪومت کي گورنر راج لڳائڻ جهڙن قدمن تي مجبور ڪيو پيو وڃي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي طلال چوڌري چيو ته حڪومت کي گورنر راج جهڙا فيصلا ڪرڻ جو ڪوبه شوق نه آهي پر اسان کي مجبور ڪيو پيو وڃي. اسان سياسي حڪومت آهيون اهڙا قدم نٿا کڻڻ چاهيون پر هاڻ اسان جي اها آخري وارننگ آهي.
هن چيو ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين جا وارنٽ نڪتا هئا، حڪومت جون اکيون کليل آهن، ڏسي رهيا آهيون ته ڪهڙو اشتهاري ڪٿي لڪل آهي. ليگي اڳواڻ چيو ته 26هين آئيني ترميم تي جيڪي اتحادي نه به هئا انهن کي به ٽيبل تي ويهاريو ويو هو، پي ٽي آءِ ڳالهين کي اسان جي ڪمزوري سمجهي ويٺي. مسئلن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر اين آر او تي نه. پي ٽي آءِ حڪومتي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل به نه پئي ڪري.
طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته اسان بلاول ڀٽو زرداري جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون آهن، انهي جي نشاندهي اهم هوندي آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ طرفان هر ڀيري اسلام طرف لانگ مارچ ڪرڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت طرفان خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج لڳائڻ جون ڳالهيون ڪجهه وقت کان هلي رهيون آهن پر اڃان تائين ڪابه حتمي ڳالهه سڀني تائين سامهون نه اچي سگهي آهي.