افراتفري پکيڙيندڙ جٿي جو ڪم ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، ٽن ڏينهن ۾ اسلام آباد پهتا ۽ ٽن منٽن ۾ ڀڄي ويا. سيد ناصر حسين شاھ
پنھنجي اڳواڻ کي آزاد ڪرائڻ آيا، ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي ويا. صوبائي وزير توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي
راڄڌاني تي حملي ۽ ڪفن دفن ڪرڻ جي ڳالهين مان ڪو حل نه نڪرندو. سيد ناصر حسين شاھ
پي ٽي آءِ کي 2029 جو انتظار ڪرڻ گهرجي، اهڙيون حرڪتون ڪندا رهيا ته انهن جو ڪو مستقبل ناهي. سيد ناصر حسين شاهه جي سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ
سکر (27 نومبر) توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته انتشاري ٽولي جو ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، هي ماڻهو ٽن ڏينهن ۾ اسلام آباد پهتا ۽ ٽن منٽن ۾ ڀڄي ويا. اهو فلاپ شو هو، پنهنجي اڳواڻ کي ڇڏائڻ آيا هئا ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي ويا. پي ٽي آءِ ۽ ان جي باني کي رڳو عدالتن مان ئي رليف ملي سگهي ٿو، جٿو وٺي راڄڌاني تي حملو ڪرڻ ۽ ڪفن دفن جون ڳالھيون ڪرڻ سان ڪو حل نه نڪرندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا تاثر ڏئي رهيا هئا ته عمران خان کي جيل مان ڪڍرائي وزيراعظم هائوس ۾ حلف کڻندا، پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جنهن صبر سان معاملي تي ضابطو آندو. حڪومت کين احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ جاءِ
ڏيڻ جي آڇ به ڪئي ھئي، پر مان نه مڃا واري ڳالھ آھي ،
هن چيو ته حڪومت جڏهن چاھيو لمحي ۾ ڏڦيڙي ٽولي کي ڀڄائي ڇڏيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويو آهي، هاڻ صورتحال سڀني جي سامهون آهي. سنڌ، پنجاب، بلوچستان مان ڪيترا ماڻهو اسلام آباد ويا، سکر ايڏو وڏو شهر آهي، هتان ڪيترا ماڻهو اسلام آباد ويا. هن وڌيڪ چيو ته افراتفري پکيڙيندڙ جٿي ۾ ٻاهرين ملڪ ۽ ڪرائي جا ماڻهو به شامل هئا جن ۾ دهشتگرد به هئا. خيبرپختونخواهه جا سمورا وسيلا افراتفري پکيڙڻ تي خرچ ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ترقي جي طرف وڌي رهيو آهي، خدارا ملڪ کي ترقي ڪرڻ ڏيو. پي ٽي آءِ کي 2029 جو انتظار ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن هي ماڻهو اهڙيون حرڪتون ڪندا رهيا ته انهن جو ڪو مستقبل ناهي. هن چيو ته هن وقت به بيلاروس جو صدر اسلام آباد ۾ موجود آهي، جيڪو پاڻ سان گڏ سيڙپڪارن جو وڏو وفد وٺي آيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو ذاتي طور تي خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي حق ۾ ناهي پر خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي ، وفاقي حڪومت کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو.
خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پنهنجي صوبي جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ بدران ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ ۾ مصروف عمل آهي ۽ صوبي جا سمورا وسيلا افراتفري پيدا ڪرڻ تي خرچ ڪري رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي معاملن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، نه ماضي ۾ ڪئي آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪنداسين، ڪالا باغ ڊيم واري مسئلي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ڌرڻو هنيو ھو . ھاڻي به اسان جي قيادت جو واضح موقف آهي ته هو سنڌ خلاف ڪجهه به ٿيڻ نه ڏيندا. ان کان اڳ سکر پريس ڪلب ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي سالگرهه جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه، ڊي سي سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل، تقي ڌاريجو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ وڪيل اڳواڻ قربان ملانو، سماجي اڳواڻ شائستا کوسو سميت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن، سکر روهڙي جي صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سکر پريس ڪلب جي روح روان لالا اسد پٺاڻ ۽ صدر آصف ظهير لوڌي سان گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.