ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھو پير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي ڪي اليڪٽرڪ کي هلندڙ ڪمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.
ان موقعي تي هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پاران علائقي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو مقصد شهرين کي بجلي جي بهتر ۽ مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي.
۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي منصوبا علائقي جي ترقي لاءِ اهم آهن ۽ هڪ ڀيرو مڪمل ٿيڻ سان عوام کي فائدو پهچندو.
هن علائقي واسين کي گذارش ڪئي ته ترقياتي ڪمن ۾ تعاون ڪن ته جيئن ان کي وقت تي مڪمل ڪري سگهجي.
ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هن علائقي ۾ ماڻهو آباد آهن، پر هن جديد دور ۾ به اهي ماڻهو لائيٽ ۽ گيس جهڙين سهولتن کان محروم هئا.
پر اسان ساڻن واعدو ڪيو هو ته جيستائين کين سموريون سهولتون فراهم نه ڪيون وينديون تيستائين امن سان نه ويهنداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار هن يوسي ون مائي ۾ ڪيوڪار ۾ برقي ڪم جو دورو ڪرڻ دوران ڪيو.
ان موقعي تي ساڻس گڏ
ميونسپل ڪمشنر آغا خليق
ضلعي انجنيئر حسن شيخ
اي ڊبل اي آفاق عالم
ان موقعي تي يو سي ون ڪائونسلر جاويد بروهي، علائقي جا معززين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا