سکر 17 نومبر : ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر چيو آھي ته سنڌو درياءَ جي پاڻي جي ورڇ هر گز قبول ناهي, نون ڪينالن تي 211 ارب روپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي, اھا رقم ماڊرن ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن تي خرچ ڪري چولستان جي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي۔ سنڌ جي پاڻي تي ڪابه سودي بازي نه ٿيندي نه ئي پاڻي جي ورڇ برداشت ڪئي ويندي۔ سنڌ جي حصي جي پاڻي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو واضع موقف آهي ته سنڌ جي پاڻي جي ورڇ برداشت نه ڪئي ويندي۔ ميئر هائوس سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ جي ٻار ٻار کي خبر آهي ته ڪالا باغ ڊيم هجي يا گريٽر ٿر ڪينال شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪمون شهيد تي سنڌ جي پاڻي جي مسئلي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اصولي موقف ڏئي ڇڏيو هو۔ ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ به ان موقف تي قائم آهي پر سوشل ميڊيا تي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته شايد پيپلز پارٽي ڪينالن جي حق ۾ آهي۔ هن چيو ته چولستان جا ماڻهو به اسان جا ماڻهون آهن اسان به انهن جي خوشحالي چاهيون ٿا, پر ان جو مطلب هر گز اهو ناهي ته سنڌ جي پاڻي تي ڪينال ٺاهيا وڃن۔ ترجمان سنڌ حڪومت چيو ته پ پ پ آئيني ۽ جمهوري طريقو اختيار ڪندي, ڌرڻو غير جمهوري لفظ آهي, پاڪستان جي معيشت کي احتجاجن ۽ ڌرڻن جي ڪري ڪافي نقصان پهتو آهي۔ هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ پاڻي جي معاملي کي حل ڪرڻ جو پورو طريقيڪار موجود آهي, آئين جي آرٽيڪل 153 کان 155 تائين پروسيجر ڏنو ويو آهي۔ وزير اعلي سنڌ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ هن معاملي تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي, جيڪڏهن هن مسئلي تي ڪابه اڳڀرائي نه ٿي ته اهو مسئلو مجلس شورا جي گڏيل اجلاس جي فورم تي آندو ويندو, جيڪڏهن اتي به مسئلو حل نه ٿيو ته ان لاء آئيني عدالت جو فورم موجود آهي۔ هن چيو ته ضرورت پوڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي عدالت لڳائيندي۔ اسان هر گز اهو ٿيڻ نه ڏينداسين ته سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وڃن۔ ترجمان سنڌ حڪومت چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي مان متفقه قرارداد منظور ڪرائي, جنهن تي اسان متحده قومي موومينٽ ۽ ٻين سياسي جماعتن جا ٿورائتا آهيون۔ هن چيو ته چولستان جي خوشحالي ۽ اتان جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاء جديد طريقا استعمال ڪيا وڃن۔ اسان مريم نواز صاحبه پاران پنجاب ۾ هٿرادو بارش جي تجربي کي ساراهيون ٿا۔ چولستان جي پاڻي جو مسئلو انووويشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان حل ڪري سگهجي ٿو۔ اسان ڏٺو آهي ته بارشن ۾ پنجاب ٻڏي وڃي ٿو, ان پاڻي کي محفوظ ڪري ۽ ويسٽ واٽر کي ٽريٽ ڪري زرعي مقصدن جي لاء استعمال ڪري سگهجي ٿو۔ هن چيو ته نون ڪينالن تي 211 ارب روپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي اھا رقم ماڊرن ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن تي خرچ ڪري چولستان جي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي۔ هن وفاق ۽ پنجاب حڪومتن کي ٿر جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته چولستان جي به ٿر جهڙي صورتحال ھئي پر سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڪول پروجيڪٽ لڳائي خوشحالي جي نئي دور جي شروعات ڪئي آهي, ٿر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاء فلٽر پلانٽ لڳايا آهن ۽ ننڍين ڊيمن ذريعي ٿر جي زراعت کي هٿي وٺرائي آهي۔ هن چيو ته سنڌ وٽ پاڻي جو هڪ ئي ذريعو آهي, ۽ 1991 جي پاڻي جي معاهدي تي ان جي روح مطابق عمل نه پيو ڪيو وڃي۔ سڌ هميشه قرباني ڏني آهي, هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان کپي جو نارو لڳايو آهي جنهن جو هر گز مقصد اهو ناهي ته سنڌ جي پاڻي تي ڪا سودي بازي ڪنداسين۔