تازو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ مقبول ٿيندڙ پاڪستاني ڊرامي ”ڪڀي مين ڪڀي تم“ جي خوشگوار پڄاڻي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو.
ڊرامي جي آخري قسم 5 نومبر تي وي ٽي چئنل سميت ملڪ جي سئنيمائن ۾ ڏيکاري وئي، جڏهن ته ان کي يوٽيوب تي به سڌي ريت ڏيکاريو ويو.
اهو ڊرامو نه رڳو پاڪستان پر ڀارت، بنگلاديش، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين انهن ملڪن ۾ به مقبول رهيو، جتي اردو سمجهڻ وارا ماڻهو رهندا آهن.
آخري قسط جي حوالي سان مداحن کي خدشو هو ته فهد مصطفيٰ جي ڪردار کي آپگهات ڪندي ڏيکاريو ويندو يا وري هانيا عامر جو ڪردار تنگ اچي ان کان عليحدگي اختيار ڪندو پر ڊرامي جي خوشگوار پڄاڻي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو.
ڪڀي مين ڪڀي تم ۾ فهد مصطفيٰ ۽ هانيا عامر زال مڙس جو ڪردار ادا ڪيو، جن ۾ آخري قسطن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيڻ سبب اختلاف شدت اختيار ڪري ويا پر پڄاڻي تي ٻنهي کي ٻيهر هڪ ٿيندي ڏيکاريو ويو، جنهن تي شوقين خوش ٿي ويا.
اهڙي ريت ڊرامي ۾ ٻين ڪردارن جي غلطين کي به سڌاريو ويو ۽ سڀني ڪردارن کي انهن جي غلطين جو احساس ڏياري ڊرامي کي ختم ڪيو ويو، جنهن تي به مداحن ٽيم جون تعريفون ڪيون.
ڊرامي ۾ جاويد شيخ، بشريٰ انصاري، نعيمه بٽ، اريج چوڌري ۽ عماد عرفاني به اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڪڀي مين ڪڀي تم جي ڪهاڻي فرحت اشتياق لکي، جڏهن ته هدايتون بدر محمود ڏنيون.
”ڪڀي مين ڪڀي تم“ جي خوشگوار پڄاڻي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1
Leave a comment