اسلام آباد جي احتساب عدالت آصف زرداري، نواز شريف ۽ ٻين جي خلاف توشه خانه گاڏين جو ريفرنس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج عابده سجاد توشه خانه گاڏين جي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.
جج ريمارڪس ڏنا ته نيب پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن تي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان کي ڪاپيون اڃان تائين ناهن مليون. جج فاروق ايڇ نائيڪ کي چيو ته مون هدايت ڏني هئي پوءِ اوهان کي ڪاپيون ڇو نه ڏنيون ويون. عدالتي عملي نيب جو جواب فاروق ايڇ نائيڪ کي ڏئي ڇڏيو. ڊپٽي ڊي جي پراسيڪيوٽر نيب به عدالت جي ڪمري ۾ پيش ٿيو.
وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيب آخر ۾ هٿ سان خبر ناهي ڇا لکيو آهي. جج ريمارڪس ڏنا ته نيب زبائي چئي رهيو هو ته ڪيس اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن اماڻيو مون هدايت ڏني ته لکي ڏيو.
دليل ڏيندي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته زندگي جو ڪوبه ڀروسو ناهي اهڙن ڪيسز ۾ ڪيترن ئي ججز کي رٽائرڊ ٿيندي ڏٺو آهي؟ آخر ۾ اسان ئي بچيا آهيون ان ڪري منهنجي استدعا آهي ته ڪيس ايف آءِ اي ايجنسي ڏانهن اماڻيو وڃي اهوئي عدالت ڏانهن اماڻي، اڃان تائين هن ڪيس ۾ چالان به پيش نه ٿي سگهيو آهي.
ڊپٽي ڊي جي نيب ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن اماڻڻ تي اعتراض ڪندي چيو ته ايجنسي ڪيئن ايگزامن ڪندي. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته هي ڪيس نيب سيڪشن نائن جي تحت ٿيو ۽ بيان به رڪارڊ ڪيا ويا. هن ڪيس ۾ ٻيهر انڪوائري ٿيندي ۽ انڪوائري ايجنسي ئي ڪندي.
جج پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪيس ۾ ڇا ٿيو هو؟ وڪيل ٻڌايو ته انهي ۾ چالان اچي ويو هو انهي جي ڪري عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو. يوسف رضا گيلاني، نوازشريف ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيلن فاروق ايڇ نائيڪ جي دليلن تي اتفاق ڪيو. عدالت ريفرنس ايف آءِ اي ايجنسي يا اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن اماڻڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 21 نومبر تي ٻڌايو ويندو.
ٻڌڻي کان اڳ نيب احتساب عدالت ۾ ريفرنس واپس اماڻڻ جي حوالي سان جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ توشه خانه گاڏين جو ڪيس اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي.
جمع ڪرايل جواب ۾ نيب چيو ته هن ريفرنس جي گڏيل ماليت 4 ڪروڙ 82 لک روپيه آهي. هي ڪيس هاڻ نيب جي اختيار ۾ نٿو اچي. نيب ترميم کان پوءِ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ جو فراڊ نيب جي اختيار ۾ اچي ٿو.