آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ پچ تي فاسٽ بالرن جي رفتار ۽ بائونس ڏسي پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جي رانديگرن ماربل تي پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي.
ڪراچي ۾ جاري ڪيمپ ۾ ٽي ٽوئنٽي بيٽرن ماربل جو سليب رکي پريڪٽس ڪئي، عثمان خان، عمير بن يوسف ۽ ٻيا بيٽر نيشنل اسٽيڊيم ۾ ماربل تي ٽريننگ ڪندي نظر آيا.
عثمان خان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پهرين ون ڊي ڏسڻ کانپوءِ ماربل تي بيٽنگ ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، ان سان تيز پچن تي کيڏڻ جي ٽيڪنڪ بهتر ٿيندي آهي، ڪَٽ ۽ پُل جي تياري سان گڏ فوٽ ورڪ بهتر ٿيندو.
هن چيو ته آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سٺي تياري ڪئي پئي وڃي، اتان جي ڪنڊيشن مختلف هوندي آهي، مان چيمپيئنز ٽرافي بابت نه پيو سوچيان، اهو ايونٽ اڃا پري آهي، في الحال سڄو ڌيان آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز تي آهي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1