پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ٻي ون ڊي ميچ لاءِ ميلبرن کان ايڊيليڊ پهچي وئي.
قومي ٽيم سڀاڻي ايڊيليڊ ۾ پريڪٽس ڪندي، ٻي ون ڊي ميچ لاءِ پاڪستان پليئنگ اليون ۾ هڪ ريگيولر اسپنر جي شموليت جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصل اڪرم ۽ عرفات مهناس مان ڪنهن هڪ اسپنر کيڏائڻ جي صورت ۾ نسيم شاهه يا محمد حسنين کي آرام ڏئي سگهجي ٿو.
واضح رهي ته نسيم شاهه آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ انجريءَ جو شڪار ٿيو هو، توڙي جو هو هن وقت بهتر محسوس ڪري رهيو آهي پر کيس آرام ڏيڻ جو وڌيڪ امڪان آهي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ جمعي تي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي، 3 ميچن جي سيريز ۾ ڪينگروز کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1