گوگل جي ميل جي ويب واهپيدارن لاءِ اي ميلز لکڻ وارو عمل انتهائي سولو بڻائي ڇڏيو آهي.
ان مقصد لاءِ گوگل طرفان هيلپ مي رائيٽ نالي فيچر جي ميل جي ويب ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
اي آءِ ماڊل جيمنائي تي ٻڌل اِهو فيچر آگسٽ ۾ موبائيل واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو.
اِهو فيچر في الحال جي ميل جي اهڙي واهپيدارن کي دستياب آهي جيڪي گوگل ورڪ اسپيس يا گوگل ون اي آءِ پريميئم پروگرام تحت ماهوار فيس ادا ڪن ٿا.
هيلپ مي رائيٽ نالي فيچر ذريعي واهپيدار رڳو هڪ ڪلڪ تي نئين اي ميل ڊرافٽس ٺاهي سگهندا.
جيڪڏهن اوهان شروع کان آخر تائين اي ميل لکڻ چاهيندئو تڏهن به جيمنائي ٽولز ذريعي اوهان ائين ڪري سگهو ٿا ان لاءِ اوهان کي رڳو اي آءِ ماڊل کي ڪجهه لفظ فراهم ڪرڻا پوندا.
جيڪڏهن اوهان اڳواٽ موجود ڪنهن ڊرافٽ کي بهتر ڪرڻ چاهيو ٿا ته پالش فيچر اوهان کي مختلف آپشنز فراهم ڪندو.
انهن آپشنز ذريعي اي ميل جي طريقيڪار فوري طور بدلائن ممڪن بڻجي ويندو .
فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي ڊرافٽ جي شروعات گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن لفظن سان ڪرڻي پوندي جنهن کانپوءِ پالش آپشن نظر ايندو.
هيلپ مي رائيٽ جو شارٽ ڪٽ ڪمپوز ونڊو ۾ نظر ايندو.
ڪمپني موجب، اِهو فيچر تمام جلد جي ميل جي ويب واهپيدارن لاءِ به متعارف ڪرايو ويندو.
گوگل جي ميل واهپيدارن کي وڏي سهولت ڏئي ڇڏي
Leave a comment