اداڪارا نرگس پنهنجي مڙس ماجد بشير خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.
ايف آءِ آر ۾ اداڪارا نرگس الزام لڳائيندي چيو ته مڙس ماجد بشير سندس ملڪيت جا دستاويز، روڪ رقم ۽ فارم هائوس پنهنجي نالي ڪرائڻ سميت 9 ڪنال جو پلاٽ هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو.
اداڪارا موجب، هن جڏهن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته مڙس کيس تشدد جو نشانو بڻايو، سرڪاري پسٽل سان چهري تي لڳاتار وار ڪيا، گهريلو عملي ۽ ڀاڻيجي جي سامهون مارڪٽ ڪئي ۽ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو.
اداڪارا الزام لڳايو ته جوابدار تشدد کانپوءِ ڌمڪي ڏني ته فارم هائوس، سون ۽ وڌيڪ رقم نه ڏني ته هو کيس قتل ڪري ڇڏيندو.
واضح رهي ته ادڪارا نرگس تي تشدد جو واقعو جمعي جي صبح پيش آيو هو، جڏهن پوليس اڃا تائين پنهنجي پٽي ڀائي جوابدار انسپڪٽر ماجد بشير کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.
نرگس ڪجهه ورهيه اڳ انسپڪٽر ماجد بشير سان شادي ڪئي هئي،اداڪارا شادي کانپوءِ شوبز جي دنيا کي الوداع چئي بيوٽي سليون هلائي رهي آهي.
اداڪارا نرگس پاران مڙس خلاف ڪيس داخل، پوليس پٽي ڀائي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

Leave a comment