سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ واري فيصلي خلاف خيرپور ۾ جسقم بشير خان قريشي گروپ طرفان اسڪارپ ڪالوني کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ڪچهري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، فقير امداد منگي، اڪبر مڪول، شھناز شيخ، شبانه ناز شيخ، پنھل ساريو ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه سنڌي ماڻهن جو جياپو آهي ان مٿان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌي ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهارڻ جي برابر آهي، سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا ڇوته اهو منصوبو سنڌي ماڻهن جي معاشي قتل عام ڪرڻ جي برابر آهي.
هنن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي کي هن منصوبي جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ واضح نموني پنهنجو چٽو موقف رکڻ گهرجي، اسان سنڌ دشمن منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا.