تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهران گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف ۽ جمعيت علماءِ اسلام(ف) پارليامينٽ ۾ تازي قانونسازي جي خلاف هڪ پيج تي اچي ويو، اسد قيصر ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات کان پوءِ ٻنهي پارٽين پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهران گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪري ورتو.
رپورٽ موجب جي يو آءِ(ف) جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۽ فيصل چوڌري ملاقات ڪئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تازي قانونسازي جي ذريعي حڪومت ڪنهن ٻئي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي واڌ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پڌرائي موجب مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ڪُڌي سلوڪ جي مذمت ڪئي. هن پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت 26هين آئيني ترميم تي آئين سان غداري ڪئي آهي، حڪومت واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، حڪومت فسطانيت جي انتها ڪري ڇڏي آهي. جي يو آءِ ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ باني مولانا فضل الرحمان جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي، اڳوڻي وزيراعظم سان جيل اندر جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي اهو مذمت جوڳو آهي، حڪومت ڄاڻي واڻي اپوزيشن کي مڇرائي رهي آهي پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) جو جيڪو رويو سامهون آيو آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ جمهوري نه آهي.
هن چيو ته جعلي مينڊيٽ واري اسيمبلي جيڪا تازي قانونسازي ڪئي آهي انهي کي مولانا ۽ اسان رد ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. هن باني چيئرمين کي سهولتن کان محروم رکڻ جي به مذمت ڪئي آهي.
ترجمان موجب مولانا فضل الرحمان ۽ اسد قيصر جي ملاقات مشاورت سان ٿي آهي ته حڪومت رات جي اونداهي ۾ راتاهو هنيو آهي حڪومت ڪنهن ٻئي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي واڌ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان اپوزيشن جي ٻين سياسي پارٽين سان ملي پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ جي ٻاهران گڏجي جدوجهد ڪنداسين.