سکر(پريس رليز) سکر ۾ زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي حقن لاءِ جوڙيل صلاحڪار پينل(ڊي اي پي) جي ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي گذري, گڏجاڻيءَ ۾ سوشل ايڪٽوسٽ ڪاشف صديقي، سياسي سماجي اڳواڻ عذرا جمال، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر، شبانه خاڪي، ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خالد ملڪ، سماجي اڳواڻ احمد چني، شفيق کوسي، صحافي خالد ٻانڀڻ، شازيه عباسي، ناري فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر انور علي مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي گڏجاڻيءَ ۾ شامل ساٿين ڳالهائيندي چيو ته، زرعي ڪم ڪار ڪندڙ عورتن جي تحفظ واري قانون 2019 تي عمل ڪيو وڃي، جڏھن تہ ھن ايڪٽ تحت ٺاھيل رول آف بزنس جو ڊرافٽ ته تيار ٿي چڪو آھي پر ھاڻي انهيءَ کي جلد کان جلد پاس ڪري پورھيت عورتن کي پورو اجورو ڏياريو وڃي. ھُنن وڌيڪ چيو تہ ٻهراڙي ۾ ايگريڪلچر ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي آگاه ڪرڻ ۽ انھن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ غير سرڪاري نمائندن کي شعور آگاھي ڏيڻ ھن پراجيڪٽ جو مقصد رھيو آهي، سنڌ اسيمبلي زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ 2019 ۾ قانون تہ پاس ڪيو آهي پر ان تي عمل نہ ٿي سگهيو آھي. ڳوٺاڻين عورتن کي پنهنجن بنيادي حقن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ گڏجاڻيون ٿي رھيون آھن ۽ ضلعي صلاحڪار پينل ۽ صوبائي اسٽيڪ ھولڊر الائينس بہ جوڙيا ويا آھن ته جيئن ھن قانون جي معلومات سڀني وٽ ھجي، ھُنن وڌيڪ چيو ته عورتن ۾ جاڳرتا آڻن لاءِ ڪوششون ٿيڻ گهرجن، 2019 جي قانون تي عمل در آمد ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي سنجيدگيءَ سان ڪوششون وٺڻ گهرجن، ھُنن چيو ته ڦٽين جي چونڊائي ۽ ٻين فصلن جي لاباري مھل اڪثر وڏا زميندار مزدوري ڪرڻ لاءِ پري پري کان پورھيت گهرائيندا آهن انهن ۾ اڪثريت عورتن جي هوندي آهي اهي عورتون مزدوري ڪنديون آهن پر انهن کي مناسب اجورو نه ڏنو ويندو آهي. جيستائين سرڪار پاس ڪيل قانون تي عملدرآمد نه ڪرائيندي تيستائين غريب عورتن کي پنهنجو حق نه ملي سگهندو.