رياض ابڙو
آءِ ايم ايف جي ”بيل آئوٽ پيڪيجن“ مان ڇا ٿو ملي، يا اهڙن فيصلن سان رڳو عوام جي چيلھ ڀڄڻي آهي يا اهڙا فيصلا ڪري ملڪ بچائڻو آهي يا ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻو آهي يا ملڪي عوام کي ڪنهن کڏ ۾ اڇلائڻو آهي يا آءِ ايم ايف جا پيڪيج وٺي وٺي آخر ڇا ڪندا؟ معني اهڙن پيڪيجن مان جڏهن عوام کي ڪجھ ملڻو ناهي ته پوءِ عوام جي ڀلائي ۾ جيڪو آهي اهو حڪمرانن کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي يا سياست رڳو پيٽرول تي اچي بيٺي آهي، باقي ٻيو سڀ ڌوڙ آ. جيڪڏهن جيڪو حڪمران عوام ۾ مقبول ٿيڻ چاهي ٿو ته اهو پيٽرول جون قيمتون گھٽائي، آءِ ايم ايف جي چنبي مان ملڪ کي ڇڏائي، معيشت جا سڌارا آڻي، باقي ڇسي سياست هن مهل تائين ڪري ڪري سياستدانن ڪيو ڇاهي؟ بس هڪڙي ڳالھ ڏاڍي زبردست ڪئي اٿن ته هڪٻئي جا ڄنڊا پٽيا اٿن، هڪٻئي کي ڪرپٽ ثابت ڪيو اٿن، تهمتون هڻي هڻي پاڻ به خوار ٿيا آهن ۽ رياست کي به خوار ڪيو اٿن. ان ڪري اهڙي سياست ڪرڻ مان فائدو ڇاهي؟ مهانگائي جيڪڏهن عمران خان ڪري ويو ته صحيح هيو پر جي شهبازشريف ڪري ته غلط آهي، ڀلا انهن حڪمرانن کي جيڪڏهن ڪرڻي رڳو مهانگائي آهي، ڪرڻي رڳو آءِ ايم ايف جي آهي، جيڪي اهي چون هي ڪندا ويندا ته پوءِ حڪمران ڪهڙو به اچي هن جي مٿي ۾ جونءَ به نه چرندي. هتي عوام پاڻ سان به سچو ناهي، هتي اسان جي ملڪ ۾ رڳو شخصي پسنديدگي لاڳو ٿيل آهي، جن کي نوازشريف يا شهبازشريف پسند آهي، اهي سمجهن ٿا ته نون ليگ جي سياست هن ملڪ جو واحد حل آهي، ان ڪري اهي ڪڏهن به روڊن تي نڪري نه ٿا اچن. جن ماڻهن کي عمران خان جي سياست سولي ٿي لڳي، اهي سمجهن ٿا ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو عمران خان وٽ آهي، عمران خان آمريڪي غلامي مان جان ڇڏرائيندو ته اها ڳالھ هن کي نئين پاڪستان مهل سمجھ ۾ اچي هان ته نئون پاڪستان نه ٺهندو پر پراڻي پاڪستان جا به ترا ناهن ڪڍڻا. جيڪي سمجهن ٿا ته عمران وٽ معاشي پلان هيو ۽ اهو ئي غربت جو خاتمو آڻي سگهي پيو ته اهو وهم ۽ سوچ به غلط ثابت ٿي. ان ڪري پهرين اهو چوڻ سولو هيو ته سڀ مسئلا جيڪي به نون ليگ وارا ڪن ٿا يا جيڪي به زرداري ڪري ويو انهن سڀني جي حل جي چاٻي رڳو عمران خان وٽ هئي، ان ڪري هاڻي اها آزمائڻ واري ڳالھ به نه ٿي چئي سگهجي. ان ڪري جو عوام ته هن عمران خان جي به گھاٽي سرنهن ڏسي چڪو آهي ته هي ڪيتري پاڻي ۾ هيو ۽ آهي. ان ڪري هاڻي جي سياست ۾ گھٽ ۾ گھٽ عمران خان فٽ ناهي، ڇو جو هن جي جيڪڏهن ڪنهن مذهبي ٽولي جي سياست سان مشابهت ڪيون ته به غلط نه ٿيندو، ان ڪري جو رڳو آمريڪا جي مخالفت ڪري، اسرائيل کي گھٽ وڌ چئي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ پي ٽي آءِ ڪو مذهي ٽولو به ناهي جيڪو جيڪڏهن مذهبي ڪارڊ هٿ ۾ کڻندو ته هلي ويندو، آمريڪا کي گھٽ وڌ چوندو ته سياست ڪري ويندو يا رڳو ڪي پي مان ويهي فاير ڪندو ته سياست هلي ويندس.
پر ڳالھ ته اڃان به هن جي دماغ مان ناهي وئي ته پٺاڻن يا ڪي پي کان علاوه هي سڄي ملڪ ۾ سياست ڪري سگهجي ٿي، ته پوءِ پنهنجي وزيراعظمي واري دور وانگي هي هاڻي به پاڻ کي ڪي پي جو سياستدان ٿو سمجهي. هن لانگ مارچن ۽ احتجاجن جي شروعات ئي ڪي پي مان ڪئي (۽ ڪندو ٿو رهي) لڳي ٿو ته عمران خان اڃان تائين ملڪي سياست کي سمجهي ناهي سگهيو. هن جي لانگ مارچن ۽ احتجاجن ۾ ماڻهن اهو به ڏٺو ته هن کي پنجاب مان موٽ نه ملي، جيڪي ماڻهو اچڻا به هيس اهي به نه آيا، ان ڪري هن بغاوت واري دونهين دکائي رڳو پنهنجي سياست کي ٻوڙي ڇڏيو. عمران خان غيرملڪي ناتا خراب ڪري پاڻ کي ۽ ملڪ کي به بين الاقوامي سطح تي ڏٺو ڪيو. هاڻي علي امين گنڊاپور جو اهو چوڻ ته عمران خان جي جان کي خطرو آهي ته جناب اهو به سمجهائي ته ڪٿان خطرو آهي، ڪنهن کان خطرو اٿس يا ڪير هن جو نالو وٺندو؟ پر ڪي پي جي سياست ڪري پي ٽي آءِ وارن ايجنسين کي ڳوٽ سڌي ڪري ڏني آهي ته هيئن کيڏو. هي عمران خان جيڪڏهن سڀني سياستدانن سان سڌو لڳو پيو آهي، هر سياسي اڳواڻ سان هن جا ڀلا رابطا ڀلا جڙيل آهن، هر مذهبي گروھ هن کي چاهي ٿو ته رڳو عمران خان جيل مان ٻاهر اچي، ان ڪري جو هي ملڪ کي بچائي سگهي ٿو، ۽ هر ملڪ سان عمران خان جا لاڳاپا ڀلا رهندا آيا آهن، ان ڪري گهري کن جي لاءِ مڃوسين ته هي زبردست سياست ڪري سگهي ٿو ته پوءِ ڊڄي ڪنهن کان يا ڪهڙي شيءِ کان ٿو؟
حقيقت ۾ سياست جتي اڻٽر آهي، سياست جتي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪيا آهن، سياست جتي ملڪ سنواريا آهن، اتي فيصلا به ملڪي سطح تي ڪيا ٿا وڃن، پر هتي فيصلن ۽ قانونن جي صوابديد رڳو اشرافيا ۽ امرا کي حاصل آهي ته جيئن وڻين تيئن ڪن، اهي فيصلا نه عوم کان پڇي ڪيا ٿا وڃن نه ئي عوامي عدالت ۾ ان جي ڪا پڇا ڳاڇا آهي. پر اهو آهي ته جيڪي به اچن وڃن ٿا يا جيڪي به سياسي ٽريفڪنگ ۾ شڪار ٿي ٿا وڃن اهي رڳو ان بدولت آهن ته عوام ڪڏهن ووٽ ڏيئن ٿو ته ڪڏهن ڦيرائي ٿو ڇڏين. اسان جهڙن ملڪن ۾ اهو الميو آهي ته ”مسئلو اهو ناهي ته ووٽ ڪير ٿو ڏئي يا ڪير ٿو وٺي پر مسئلو اهو ضرور آهي ته ووٽ ڪير ٿو ڳڻي“ ان ڪري انهن ووٽن جي ڪري جيڪو ماڻهو ووٽ وٺي مٿي چڙهي ٿو اچي، اهو عوام جا مسئلا حل ڪري. اهو اهڙا قانون ٺاهي جيڪي عوام کي فائدو ڏين، اهي اهڙي قانونسازي ڪري جنهن ۾ عوام جو مستقبل سنوارجي. پر هنن حڪمران جي لاءِ اهي قانون اهميت ٿا رکن جيڪي هنن جي ذات کي فائدو ڏين، مثال 63ون سي هنن ان ڪري (خاص عمران ۽ مشرف جي دور ۾) ته جيئن ٻٽين شهريتن وارا سياستدان سڀ ڪجھ ڪري ڀڄي هليا وڃن ۽ انهن کان ڪير پڇا ڪرڻ وارو نه هجي، يا 33بل پاس ٿين يا هاڻي 26هين ترميم ٿئي جنهن ۾ عوام جو ڀلو ٿئي جنهن سان معيشت جو استحڪام ممڪن هجي جنهن سان غريب جي زندگي سنوارجي.
دنيا جي حڪمران، سياستدان اڳواڻن يا مذهبي مهندارن کي ڏسجي ته لڄ کان ڪنڌ جهڪي ويندو، ان ڪري ته پاڪستاني حڪمرانن جي برانڊ رڳو ٺڳي تي ٻڌل آهي، جيڪي به سياستدان اچن ٿا انهن کي رڳو پروٽوڪول، پيسو، عياشي ۽ آرام کپي. اهي سمجهن ٿا ته جيڪو به واعدا ڪري ڪرسي ماڻجي ٿي انهن واعدن کي پاڻي ڏيڻ روا ناهي، هن مهل تائين ڪهڙو حڪمران آهي جيڪو عوام جي ڀلي لاءِ جيل ويو هجي، يا جيڪي عوامي ڪم ڪيا هجئين انهن ۾ ڏوهي ثابت ٿيا هجن، غريب جي ڀلي جي لاءِ هنن هيل تائين ڪيو ڇاهي؟ مثال تعليم جي ڳالھ ڪيون ته هتي تعليم ڌنڌو ٿي وئي آهي، پئيسن جي تعليم آهي معني پڙهي به امير ۽ نوڪريون به امير ڪري، صحت به اميرن جي، معاشي استحڪام به اميرن جو، پوءِ مئو رڳو غريب. اهڙا سياستدان ڦاسن تڏهن ٿا جڏهن ڪورٽون قانون اڀا ٿي وڃن، پر اهي ڪڏهن به پنهنجي واعدي تي پورا نه ٿا لهن، ان ڪري ته معاشي استحڪام اشد ضرروت آهي پوءِ سياست ڪير به ڪري، هي نون ليگ وارا هجن يا پي پي وارا اچن يا عمران خان ٻاهرين قوتن کي ريجهائي ڪجھ ڪري.
قومون به ائين اضطراب جو شڪار ٿين ٿيون جيئن عام ماڻهو به طبيعتن يا مزاجن جو شڪار رهن ٿا، وقتي پريشاني يا دائمي پريشاني ۾ اهي پنهنجي پريشاني جو اظهار مخلتف شين، شوقن يا ”هابيز“ سان به ڪندا رهن ٿا. ماڻهو به جڏهن پريشان هوندو آهي ته اهو ڪا به ڪا حرڪت ڪندو رهندو آهي، جيئن پير يا ڄنگھ جو زمين تي هڻن، ويٺي ويٺي ڄنگھ تي ڄنگھ رکي هلائڻ، شين سان کيڏڻ، گهڙي، چابي يا چشمي کي ڦيرائڻ، ڪا ٻي حرڪت ڪرڻ، خودڪلامي ڪرڻ، رستي ايندي ويندي پاڻ سان ڳالهائڻ، ڪنهن هنڌ اڪيلائي ۾ ويٺي به پنهنجو پاڻ سان ڪچهريون ڪرڻ وغيره وغيره، تيئن قومون به ڪنهن اضطراب جو شڪار رهن ٿيون، جيئن سياستدانن جي پٺيان مجبورن لڳو رهڻ يا اهو چوڻ ته اسان جا وڏا ان پارٽي سان لاڳاپيل آهن، ان ڪري اسان به انهن کي ووٽ ڏيون، ڇو ته اسان وٽ وڏيرائپ، معاشي رستا يا رشتا سنڀالي هلڻو ٿو پئي، ان ڪري مذهب وانگي سياست به وڏن جي ميراث بڻيل آهي. پوءِ اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڪاڏي وڃي، ان ڪري سياست به ائين ئي هلندي رهندي، ماڻهن کي ڪو ان مسئلي نه ماريو ته پيٽرول وڌي ٿو پر ان ڳالھ جي ڳڻتي ۾ ضرور اٿن ته ڪير ٿو وڌائي، مهانگائي رڳو مخالفن کي ٿي لڳي، نون ليگ وارا ڪڏهن به حڪومت جي خلاف اٿي کڙا ناهن ٿيندا، ان ڪري جو جيڪي به حامي ڌڙا آهن اهي پنهنجن اڳواڻن جي لاءِ ڪجھ نه ٿا چون، پر جيڪي به مخالف ڌڙا آهن اهي حڪومت جي هر ڳالھ تي اک رکيون ويٺا آهن، ان ڪري هاڻي معيار ڪنهن تي ڏجي، اهي حڪمران به انهن جي ڳالهين مان خوش آهن رڳو مخالف بيزار آهن.
Regards,
Riyaz Abro (PhD)
Sindh Madarsatul Islam University – Karachi