پوليس ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن موجب ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس خلاف آبپاره ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي انهن جي خلاف ڪيس سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ ٻين قلمن جي تحت داخل ڪيو ويو آهي.
وڪيل ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لڳايل سيڪيورٽي روٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پوليس ذريعن موجب ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس پوليس اهلڪارن سان مزاحمت پڻ ڪئي.
پوليس موجب ايمان مزاري جي مڙس اهلڪارن کي ٿڦڙ هنيا ۽ گاريون ڏيڻ کان علاوه اهلڪارن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون جنهن کان پوءِ ٻئي ڄڻا بيريئرز هٽائيندي موقعي تان فرار ٿي ويا هئا.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1