جيڪب آباد ۾ سول اسپتال جي آپريشن ٿيٽر جي ڇت ڌماڪي سان ڊهي پٽ پئجي وئي، او ٽي ٿيٽر ۾ مريض داخل نه هئڻ سبب معجزاڻي طور تي جاني نقصان کان بچاءُ ٿي ويو.
آپريشن ٿيٽر جي ڇت زبون ٿيڻ سبب سول اسپتال انتظاميا آپريشن ٿيٽر عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ڪري ڪنهن وڏي جاني نقصان کان بچاءُ ٿي ويو.
ان حوالي سان سول اسپتال جي ايم ايس ٻڌايو ته آپريشن ٿيٽر جي ڇت زبون حال هئي جنهن جي ڪري ٻن مهينن کان انهي کي بند ڪيو ويو هو. اڄ ڌماڪي سان ڇت ڊهي پٽ پئجي وئي.
سول اسپتال جي ايم ايس موجب آپريشن ٿيٽر جي غير فعال توڙي ڇت زبون هئڻ بابت سيڪريٽري صحت، ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي ليٽر لکي چڪو هئس پر ان باوجود ڪوبه مناسب جواب نه ملي سگهيو هو. هن چيو ته اسان وٽ مريض گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا پر آپريشن ٿيٽر غير فعال بڻيل آهي ان ڪري سنڌ حڪومت تعاون ڪري آپريشن ٿيٽر کي تعمير ڪرائي.