تحريڪ انصاف باضابطه طور تي جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو حصو بنجڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي خصوصي اجلاس ۾ ڪميٽي لاءِ پارليامينٽ مان ميمبر نامزد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سياسي ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق لاءِ ڪور ڪميٽي ۽ حتمي منظوري لاءِ پي ٽي آءِ باني ڏاڻهن اماڻيو ويندو. ڪميشن ۾ مخالف ڌر جي نمائندگي لاءِ 2 نالن جو اعلان پي ٽي آءِ باني جي منظوري کان پوءِ ٿيندو.
ٻئي طرف نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيخ وقاص چيو ته پي ٽي آءِ ليگل ڪميٽي جو سربراهه سلمان اڪرم آهي اهو ڪنهن کي ليگل ٽيم ۾ رکي ٿو ڪنهن کي نٿو رکي ان تي ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض آهي؟
هن چيو ته فيصل چوڌري احترام جوڳو آهي پر انهي کي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي ڪنهن به ڪيس ۾ وڪيل نه رکيو ويو. پي ٽي آءِ باني چئي چڪو آهي ته ان جي خاندان مان ڪوبه ماڻهو سياست ۾ شامل نه ٿيندو.