پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته حد کان وڌيڪ مشهوري رانديگرن کي حقيقت کان پري ڪري ٿي ۽ هو پاڻ کي پنهنجي حقيقي پوزيشن کان مٿانهون سمجهڻ لڳن ٿا.
انگلينڊ خلاف شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مڪي آرٿر نه رڳو رانديگرن جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي پر ٽيم جي اعتماد ۽ ڪارڪردگي تي پوندڙ ناڪاري وارن عملن جو به ذڪر ڪيو.
هن چيو ته پاڪستاني رانديگر انتهائي باصلاحيت آهن ۽ درست رانديگر ئي ميدان ۾ موجود آهن پر ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ ضروري آهي ته چونڊ، ماحول ۽ انتظاميا ۾ تسلسل پيدا ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ٽيم جي رانديگرن کي هڪ واضح ڍانچي جي ضرورت آهي ته جيئن هو مڪمل فوڪس سان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن.
مڪي آرٿر ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا ۽ ڪجهه مخصوص ڌرين پاران پکيڙيل منفي بيان بازي ۽ ميڊيا ايجنڊا ٽيم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.
هن رانديگرن جي حد کان وڌيڪ مشهوري تي پڻ تنقيد ڪندي چيو ته ميڊيا يا رانديگرن جي ايجنٽس طرفان بنا جواز مشهوري رانديگرن جي ذهن ۾ هڪ غير حقيقي تصوير ٺاهيندي آهي، جنهن سبب هو پنهنجي اصل حيثيت وساري ويهندا ۽ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳندا آهن.
سندس چوڻ هو اِها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته پاڪستاني ٽيم لاءِ کيڏڻ سڀ کان بهترين وقت هئڻ گهرجي، رانديگرن جي صلاحيتن کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ منظم ۽ پروفيشنل ماحول جي ضرورت آهي ته جيئن هو سمورو ڌيان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڏئي سگهن.