ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگهو پير
اطلاعات ۽ عوامي تعلقات جو کاتو
پريس رليز
15 آڪٽوبر 2024
ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگهو پير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي حب ڪئنال مان پاڻي جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڻي الله جي نعمت آهي ۽ پاڻي جي کوٽ جي هن دور ۾ ان جو ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ آهي.
هن چيو ته اهو نه رڳو زراعت لاءِ نقصانڪار آهي پر ماحول تي به ناڪاري اثر پون ٿا، جنهن ڪري مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون.
هن واٽر اينڊ سيوريج بورڊ تي زور ڏنو ته هو جديد ٽيڪنيڪل طريقا اختيار ڪري ته جيئن ليڪيجز جي مرمت ۽ ان مسئلي جي فوري حل لاءِ پاڻي جي ذخيرن جي بهتر انتظامن کي يقيني بڻائي سگهجي.
چيئرمين وڌيڪ چيو ته واهن جي بهتر سار سنڀال ۽ انهن جي وقت بوقت مرمت ضروري آهي ته جيئن پاڻي ضايع نه ٿئي.
۽ لاڳاپيل کاتي کي هدايت ڪئي ته واٽر مانيٽرنگ سسٽم کي جديد بڻايو وڃي ته جيئن ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪري عوام جي سهولت لاءِ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي.
زرعي مقصدن لاءِ ڪري سگهجي ٿو.
هيان موقعي تي هن عوام کي اپيل ڪئي ته پاڻي جي بچت کي پنهنجي ذميواري سمجهن ۽ پاڻي جي اهميت کي سمجهي ان جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائين.
چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت ان معاملي کي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ پاڻي جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.
اهڙن خيالن جو اظهار هن حب ڪئنال مان ضايع ٿيندڙ پاڻي ۽ ان کي درپيش مسئلن جو دورو ڪندي ڪيو
انهن سان گڏ
ٽائون آفيسر ۽ عملو
متاثر علائقي جي رهواسين جو وڏو انگ پڻ موجود هو
ڊائريڪٽر انفارميشن اسد صديقي 03423918208