ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن سکر
چيف انجنئير سکر بيراج منصور احمد ميمڻ ميڊيا بشمول سوشل ميڊيا تي سکر بيراج جي بندش بابت وائرل ٿيل خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي
بيراج انتظاميا اھڙي قسم جو ڪوبه اعلان يا نوٽيفڪيشن جاري ناھي ڪيو ، چيف انجنئير سکر بيراج
سکر: 13 آڪٽوبر: چيف انجنئير سکر بيراج منصور احمد ميمڻ ميڊيا بشمول سوشل ميڊيا تي سکر بيراج جي بندش بابت وائرل ٿيل خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. چيف انجنئير سکر بيراج منصور احمد ميمڻ چيو آهي ته بيراج جي مرمتي ڪم سبب روڊ جي 8 مھينا بند ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت ناھي، ميڊيا ۾ آيل ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل خبرون جعلي آھن، تصديق ڪرڻ کان بغير جاري ڪيون ويون، هن وڌيڪ چيو ته بيراج انتظاميا اھڙي قسم جو ڪوبه اعلان يا نوٽيفڪيشن جاري ناھي ڪيو ،عوام انھن افواھن تي ڌيان نه ڏئي، سکر بيراج روڊ معمول موجب کليل رھندو.