صادق آباد مان اغوا براءِ تاوان ۽ ڏوهن جي وڌندڙ ڪاررواين جو اصل سبب سامهون اچي ويو آهي. ڪچي جي ڌاڙيلن جي ڊپ کان پوليس پنهنجا مورچا ڇڏي ڏنا ۽ اهلڪار مورچن تان ڊيوٽيون ڇڏي واپس روانا ٿي ويا.
پوليس ذريعن موجب ڪچي جي علائقي ۾ قائم 50 کان وڌيڪ مورچا ڌاڙيلن جي ڊپ سبب خالي ٿي ويا آهن، پوليس اهلڪارن جي شهادت کان پوءِ ملازمن ڊيوٽي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
مورچا خالي ٿيڻ سان ڪچي جا ڌاڙيل آساني سان ڪچي کان پڪي طرف اچڻ لڳا، ڪروڙين روپين جي لاڳت سبب ٺاهيل مورچا ۽ او پي ويراني جو منظر پيش ڪرڻ لڳا.
پوليس جي بهتر طريقي سان گشت نه ٿيڻ جي ڪري اغوا براءِ تاوان ۽ ڏوهن جي وارداتن ۾ به تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي، پوليس ذريعن موجب مورچن ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي پوليس لائب طلب ڪيو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب جلد پوليس اهلڪارن جون ڊيوٽيون بحال ڪيون وينديون، پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته ڪچي ۾ پوليس نفري مستقل طور تي مقرر آهي، بند تي مورچا عارضي طور تي ٺاهيل هئا.