نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ترقي جي رستي تي گامزن آهي ۽ جلد دنيا جي 24هين مضبوط معيشت بڻجي اڀرندو.
اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سرمائيڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ اقتصادي بحالي ايجنڊا جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪ سعودي عرب اسٽريٽجڪ ڀائيواري نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي، پاڪستان سعودي عرب کي ڪوئلي جي کاڻ واري شعبي ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏئي ٿو. هن چيو ته ڀروسي جوڳا سرمائيڪاري جا منصوبا سعودي سرمائيڪارن جي لاءِ کليل آهن، پاڪستان جو آءِ ٽي جو شعبو عالمي سرمائيڪارن کي پڻ سرمائيڪاري جي دعوت ڏئي ٿو.
نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ سعودي عرب وفد جي آجيان ڪري ٿو. ٻئي پاسي سعودي سرمائيڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سرمائيڪاري وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي تعاون انتهائي اهم آهي.