آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي سرمائيڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وفد سان گڏ ملاقات ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ سعودي سرمائيڪاري واري وزير وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته انهي دوران مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضٻوط بنائڻ جي قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سعودي بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان جي لاءِ اڻکٽ حمايت تي ٿورو پڻ ادا ڪيو.
آرمي چيف وفد کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو ۽ ٻنهي ملڪن کي حاصل ٿيندڙ نتيجن جي باري ۾ اميد پڻ ظاهر ڪئي.
جنرل عاصم منير چيو ته وڏي واپاري وفد جو پاڪستان جو دورو، سعودي پائيدار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي تصديق ڪري ٿو، پاڪستاني عوام سعودي عرب جي لاءِ گهري عزت ۽ محبت رکي ٿي.