اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه هائوس کي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
خيبرپختونخواهه هائوس سيل ڪرڻ جي خلاف درخواست تي اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي. ڪيپٽل ڊوالپمينٽ اٿارٽي(سي ڊي اي) موقف اختيار ڪيو ته غيرقانوني ڪنسٽرڪشن ٿي ۽ ڪجهه واجبات به رهيل آهن. 2014 ۾ پهريون نوٽيس ڏنو هو.
چيف جسٽس عامر فاروق خيبرپختونخواهه هائوس کي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت سي ڊي اي جي وڪيل کي چيو ته اوهان قانون، قاعدي موجب اهو ڪري سگهو ٿا، جيڪڏهن ڪجهه آحي ته نوٽيس ڪريو، انهي کي ڏسي وٺنداسين. اهڙي طرح نه لڳي ته اوهان ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهيو، فيصلو ڏئي رهيو آهيان ته اوهان خيبرپختونخواهه هائوس ڊي سيل ڪريو.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1