جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ اضافو ڪري حڪومت عوام کان قرباني گهري رهي آهي. وزيراعظم ٻڌي وٺي حڪومت رليف نه ڏنو ته عوام مهانگي بجلي ۽ گيس جا بل ادا نه ڪندي.
راولپنڊي ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته مطالبن جي لاءِ ڏنل 45 ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن. اسان ٽڪراءُ نٿا چاهيون، پرامن جدوجهد جا قائل آهيون، عوام جي سمنڊ کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، 25 ڪروڙ عوام پنهنجو حق ڦري وٺندي.
هن چيو ته راولپنڊي 14 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ بهترين ميزباني جا فرض ادا ڪيا. حڪومت اسان کي 45 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو. هاڻ حڪومت وٽ 13 کان 14 ڏينهن آهن، پنجاب ۾ 14 روپين جي رليف سان ڪجهه نه ٿيندو. جاگيردارن تي ڪوبه ٽيڪس ناهي لڳايو ويو. پاڪستان ۾ اشرافيه وسيلن تي قابض ٿي چڪي آهي، عوام بجلي بلن جي مد ۾ هزارين ارب روپيه ادا ڪري رهيو آهي جيڪي هنن تي ٺهن ئي نٿا.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت(ن) ليگ جي هجي، پيپلز پارٽي جي يا پي ٽي آءِ سڀني عوام جو رت چوسيو آهي ڪير ماڻهو آهن جيڪي عوام تي پيٽرول ۽ بجلي جا بم ڪيرائيندا آهن، قوم کي هرون ڀرون جي مسئلن ۾ منجهايو پيو وڃي.
هن چيو ته جماعت اسلامي جا مطالبا پنهنجي جڳهه تي موجود آهن. حڪومت بجلي جون قيمتون گهٽ ڪري آءِ پي پيز جا معاهدا ختم ڪري اڃان ته اسان شٽرڊائون ڪيو هو، هاڻ ڦيٿو جام ڪنداسين. وزيراعظم ٻڌي وٺي جيڪڏهن رليف نه ڏنو ويو ته عوام مهانگي بجلي ۽ گيس جا بل ادا نه ڪندو.