پنوعاقل:اسسٽنٽ ڪمشنر ردا زھرا ٽالپر جو ھاء اسڪول ۽ گرلس اسڪول ۾ امتحاني سينٽر جو دورو، سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ڪاپي ڪيس ۾ موبائل فون ضبط پنوعاقل کان رپوٽر اختيار علي سميجو پاڪ سوچ .ايئن پڙھندو سنڌ ته ڪيئن وڌنڌو سنڌ
پنوعاقل جي ھاء سيڪنڊري اسڪول ۾ ھلندڙ امتحاني سينٽر تي اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل ردا زهرا ٽالپر پاران اچانڪ دورو ، پيپر ڪندڙ سوين شاگردن وٽان موبائل فونز ھٿ ڪري پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڪري امتحاني سينٽر ۾ موجود عملي مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ، اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل کان شاگردن پاران موبائل واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو جنھن کانپوءِ ڊي سي سکر راجا ڌاريجو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل کي گذارش ڪئي ته شاگردن کي وارننگ ڏيئي موبائل فونز واپس ڪيا وڃن ڇو تہ اڪثريت غريب شاگردن جي آھي جنھن کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل ردا زهرا ٽالپر شاگردن کي وارننگ ڏيئي موبائل فونز واپس ڪري ڇڏيون ، ڪاپي ڪلچر سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي سڄو مسئلو سيسٽم جو آھي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ميرٽ جي لتاڙ آھي . جيستائين سيسٽم کي سڌو نه ڪيو ويندو تيستائين ڪاپي ڪلچر جو خاتمو نه ٿيندو وري به ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺندڙ اي سي ردا زهرا ٽالپر