اسرائيلي فوج رفح جي ڏوراهين آبادي وارن علائقن ۾ حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، بمباري ۽ ٽينڪن جي گولا باري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا، شهيدن جو انگ 36 هزار کان وڌي ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوجين رفح جي ڏوراهين علائقن ۾ ايمبولينس تي بمن سان حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ ريسڪيو ڪارروائين ۾ شريڪ 2 اهلڪار فوت ٿي ويا.
هوڏانهن آمريڪي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته رفح ۾ پناهگيرن جي ڪيمپن تي اسرائيلي حملي ۾ آمريڪي ساخت جو بم استعمال ٿيو آهي. جڏهن ته اسرائيل چيو آهي ته غزه جنگ وڌيڪ 7 مهينن تائين جاري رهي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي غزه ۾ هٿين خالي شهرين کي نشانو بنائڻ جي اسرائيلي پاليسي تي سخت تنقيد ڪندي برازيل احتجاجن طور تل ابيب مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو آهي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1