وزيراعظم شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽ صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات کان پوءِ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته وزيراعظم سان منهنجي پهرين ملاقات هئي جنهن ۾ وزيراعظم گورنر بنجڻ جي مبارڪباد پڻ ڏني.
هن چيو ته چشمه رائٽ ڪينال جي لاءِ به رقم رکڻ جي سفارش ڪئي آهي. سوئچ آن يا آف ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، صوبي ۾ 24 يونيورسٽين جا وائس چانسلرز موجود نه آهن. سرڪاري ملازمن جون پگهارون 25 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز ڏني آهي.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وزيراعظم سان ڪي پي ڪي جي گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ وارن مسئلن تي به ڳالهيون ٿيون آهن. مان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي چوندس ته صوبي ۾ امن جي قيام تي ڌيان ڏئي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1