ٻبرلوءَ جي نوجوان صحافي حيدر مستوئي مٿان قاٿلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ صحافين ۾ تاء پکڙيل آهي. جڏهن ته ڊي ايس پي روهڙي فراز ميتلو اسپتال پهچي زخمي صحافي حيدر مستوئي جو بيان قلمبند ڪيو . حيدر مستوئي تي قاتلاڻي حملي خلاف پي ايف يو جي جي سڏ تي اڄ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج پڻ ڪيو ويندو
ان موقعي تي زخمي ٿيل صحافي حيدر مستوئي ٻڌايو ته واقعو ڦر نه پر ٽارگيٽڊ حملو هيو خان محمد پتافي ۽ مان اچي رهيا هئاسين ته بغير نقاب جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. زخمي ٿيل صحافي حيدر مستوئي موجب منهنجي دوست خان محمد پتافي کي پسٽل جا بٽ هڻي پوئتي ڪري مون مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته مون کي چار گوليون هنيون ويون آهن جيڪي ٽنگ ۽ ٻانهن ۾ لڳيون، حملو ڪندڙ ٽي جوابدار ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار هئا فائرنگ کان پوءِ جوابدار ٻٻرلوء کان روھڙي طرف فرار ٿي ويا.
صحافي حيدر مستوئي ٻڌايو ته ويران جڳهه ڏسي منهنجي مٿان حملو ڪيو ويو مون کي پنج گوليون لڳيون جن مان چار گوليون ساڄي ٽنگ ۽ ھڪ گولي ٻانهن ۾ لڳي جنهن کان پوءِ نجي اسپتال جي ڊاڪٽرن همت ڪري ٽنگ مان ٽي گوليون ڪڍي ورتيون آهن جڏهن ته هڪ گولي ٽنگ ۾ رهيل آهي. جنهن جو اڄ شام 4 وڳي آپريشن رٿيل آهي
صحافي حيدر مستوئي مٿان حملي ۽ سندس زخمي ٿيڻ خلاف پي ايف يو جي جي سڏ تي ايس يو جي طرفان اڄ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج پڻ ڪيو ويندو.