سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن وفاقي حڪومت پاران صوبائي يونيورسٽين کي فنڊنگ روڪڻ واري نوٽيفڪيشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن (FAPUASA) جي سڏ تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (SAUTA) پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ويو، جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر فهد نذير کوسو، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر جاويد علي گدائي، سيڪريٽري ڊاڪٽر خادم حسين ٽالپر، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر امداد حسين لغاري، ڊاڪٽر عصمت الله ڪاڪا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ساؤٽا جي صدر ڊاڪٽر فهد نذير کوسو وفاقي حڪومت پاران صوبائي يونيورسٽين جي فنڊنگ روڪڻ جي حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪئي. هن انڪشاف ڪيو ته سڄي ملڪ جون يونيورسٽيون اڳ ئي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ ڪجهه پنهنجي اسٽاف جون پگهارون ادا ڪرڻ کان قاصر آهن. هن وڌيڪ چيو ته ان فيصلي سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، خاص ڪري موجوده خرچن جا فنڊ 8 سالن کان منجمد آهن. ان سان گڏو گڏ، HEC 160 کان وڌيڪ يونيورسٽين کي 65 بلين جي گرانٽس کي روڪي ڇڏيو آهي. هن سال پري بجيٽ اجلاس دوران اسلام آباد ۾ ايڇ اي سي فنڊ کي ٻيڻو ڪرڻ جي درخواست ڪئي. جڏهن ته بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ حڪومت گرانٽ کي 65 ارب مان گهٽائي 25 ارب ڪري ڇڏيو ۽ صوبائي چارٽر يونيورسٽين لاءِ ايڇ اي سي جي فنڊنگ روڪي ڇڏي، فنڊ صرف وفاقي يونيورسٽين لاءِ مختص ڪيا ويا. ان کانسواءِ ترقياتي گرانٽ 59 ارب مان گهٽائي 21 ارب ڪئي وئي. ساؤٽا جي سيڪريٽري ۽ فاپواسا پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر ڊاڪٽر خالد حسين ٽالپر پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته اهو فيصلو نقصانڪار آهي ۽ وفاقي حڪومت جي آئيني اختيار جي به ڀڃڪڙي آهي. آئين موجب ايڇ اي سي جي بجيٽ بابت ڪو به فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻو پوندو. اوچتو اعلان صرف نئين بجيٽ کان اڳ جو مطلب آهي ته صرف وفاقي چارٽر تحت يونيورسٽيون موجوده خرچن لاءِ فنڊ حاصل ڪنديون. جنهن ڪري اعليٰ تعليم ۽ ملڪ جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي. مقررين چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا استاد ان فيصلي جي مخالفت ڪن ٿا ۽ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪن ته اعليٰ تعليم ۾ مداخلت کان پاسو ڪيو وڃي. اهي اعليٰ تعليمي ادارن لاءِ وڏي پئماني تي فنڊ طلب ڪن ٿا ۽ طاقتن ۽ ذميوارين جي تدريجي منتقلي جي ضرورت تي زور ڏين ٿا جن ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز شامل آهن. SAUTA ايندڙ بجيٽ ۾ سڀني يونيورسٽين لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ ان منتقلي لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏئي ٿو.