سپلا يونٽ گورنمنٽ اسلاميا آرٽس ڪامرس ڪاليج سکر پاران اڄ فورس ٽرانسفر جي خلاف ڪارو ڏينهن ملھايو ويو ۽ استادن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو
ياد رھي ته ڪجهه ڏينهن پھريان ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران 17 کان 18 گريڊ جا پوسٽنگ آرڊرس جاري ڪيا ويا ھئا جنهن ۾ سفارش ۽ رشوت عيوض سيٽ ٿيل 18 گريڊ جي اسسٽنٽ پروفيسرز کي ڏورانھن علائقن ۾ ٽرانسفر ڪري انھن جي جاين تي تازو پروموٽ ٿيل استادن کي پوسٽنگ ڏني وئي ھئي اھڙا لڳ ڀڳ 40 آرڊرس جاري ڪيا ويا ھئا ۽ اھڙي ناجائزي تي سپلا سکر ريجن ڊسٽرڪ ۽ مرڪز ڪو به تحرڪ نه ورتو ھو
حالانڪ مرڪز کي ان معاملي تي تحرڪ وٺڻ گھربو ھو
اسان جي پنهنجي ڪاليج گورمنٽ اسلاميا آرٽس ڪامرس ڪاليج سکر مان به پروفيسر ولي محمد چنا صاحب جي جبري بدلي ڪئي وئي آهي ۽ ان جي جاء تي عبدالسلام انصاري کي پوسٽنگ ڏني وئي آهي ۽ پروفيسر راجا سڪندر علي کي صالح پٽ ۾ جڳهه خالي ھجڻ باوجود نئون ديرو ڪاليج ۾ پوسٽنگ ڏني وئي آهي ٻنهي پروفيسر صاحبان کي ڪالھ ڪاليج مان رليو پڻ ڪيو ويو آهي
ھاڻي به چوٻول آهي ته ڊپارٽمينٽ پاران اسان جي ڪاليج سميت وڌيڪ ٻين ڪاليجن مان استادن کي متاثر ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي جيڪڏهن اھڙو ڪجهه ٿيو ته فوري طور تي سپلا کي ڪراچي ۾ احتجاج جي ڪال ڏيڻ کپي ۽ اعلي عدليا سان رجوع ڪرڻ کپي
اسان وري به سپلا جي ڊسٽرڪ ريجن ۽ مرڪز کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي يونٽ ٽي دفعا جبري بدلين خلاف قرارداد منظور ڪئي آهي پر سپلا جي مٿين اڳواڻن پنهنجون آئيني ذميواريون ادا نه ڪيون آهن اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور تي يونٽ جي قراردادن تي عمل ڪيو وڃي