اسلام آباد جي عدالت پهچڻ تي پي ٽي آءِ جي وڪيلن بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي سخت تشدد جو نشانو بنايو آهي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عدت ۾ نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ بشريٰ بي بي جو اڳوڻو مڙس خاور مانيڪا عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پهتو جتي عدالتي احاطي ۾ موجود پي ٽي آءِ جي وڪيلن کيس تشدد جو نشانو بنايو ۽ ٿڦڙ هنيا.
خاور مانيڪا تي وڪيلن جي تشدد کان پوءِ خاور مانيڪا سان گڏ موجود وڪيلن کيس بچايو ۽ عدالت ۾ وٺي ويا. عدالت ۾ جج جي چيمبر ۾ پهچڻ کان پوءِ به پي ٽي آءِ جي وڪيلن عدالت جي ڪمري ۾ خاور مانيڪا مٿان بوتلون اڇلايون.
ياد رهي ته اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج شاهه رخ ارجمند عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ سزا جي خلاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري رکيو آهي جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1