بلوچستان ۾ مسافر بس اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 28 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ريسڪيو ذريعن موجب تربت کان ڪوئٽه ايندڙ مسافر ڪوچ واشڪ جي علائقي ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي. بس اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 28 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
شروعاتي ڄاڻ موجب مسافر بس کي حادثو ٽائر ڦاٽڻ سبب پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون حادثي واري جڳهه تي پهتيون ۽ لاشن زخمين کي ڪڍي سول اسپتال بسيمه منتقل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ زخمين کي وڌيڪ علاج جي لاءِ ڪوئٽه منتقل ڪيو پيو وڃي.
اختيارين موجب حادثي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1