آمريڪي پاڪستاني ۽ ري پبلڪن اڳواڻ علي شيخاني ميرپورماٿيلو ۾ قتل ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ٽيڪساس مان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي علي شيخاني شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پرڏيهي پاڪستانين جو دل به نصرالله گڏاڻي جي وارثن جيان ڏکويل آهي.
علي شيخاڻي شهيد صحافي جي وارثن کي فوري طور تي هڪ ڪروڙ روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته قلم جي عظمت جو علم بلند ڪندڙن لاءِ هي ننڍو نذرانو آهي.
آمريڪي پاڪستاني ڪاروباري شخصيت علي شيخاني چيو ته هو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پاڪستان ايندو ۽ شهيد صحافي جي وارثن ملاقات به ڪندو.
ياد رهي ته علي شيخاني هلندڙ مهيني دوران ڪراچي جو دورو ڪيو هو جنهن ۾ هن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات ڪئي هئي ۽ آءِ ٽي مارڪي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ هڪ ڪروڙ روپيه امداد جو اعلان ڪيو هو. گورنر هائوس ۾ ڪوٺايل انهي تقريب ۾ ڪراچي ۾ فري ڪينسر اسپتال جي تعمير لاءِ شميم شيخاني ۽ خانگي فلاحي تنظيم وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون هيون.