موسميات کاتي اڄ کان 27 مئي تائين ملڪ جي مختلف علائقن خاص طور تي پنجاب ۽ سنڌ ۾ سخت گرمي پوڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان 23 مئي جي دوران ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 3 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته 23 کان 27 مئي جي دوران پارو 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين مٿي وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ اڄ کان 27 مئي جي دوران ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو.
گرمي پد وڌڻ سان گليشيئر سان ٺهيل جهيلون ڦاٽڻ جو پڻ امڪان آهي ۽ فليش فلڊز به اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ماهرين طرفان اهڙين آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن کي محتاط رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1