ميرپورخاص جي گورنمينٽ بوائز پرائيمري عادل اسڪول ڪيمپس پرائيمري سيڪشن جي هيڊماستر آعظم خان هزاروي پاران استاد توقير دائودپوٽو کي چماٽ هڻڻ وارو مامرو سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ هائيليٽ ٿيڻ بعد ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ميرپورخاص مرزا ارشد بيگ واقعي جو نوٽيسن وٺي ڇڏيو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پاران ليٽر نمبر 3674 ذريعي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کي انڪوائيري جو حڪم ڏنو ويو آهي جڏهن ته متاثر استاد توقير دائودپوٽو پاران پڻ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ۽ ٻين اعلئ عملدارن کي واقعي جي درخواست ڏني وئي آهي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1