حيدرآباد جي ڳوٺ دالي جي مرد، عورتن لاڙڪاڻو مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس خلاف احتجاج پوليس خلاف نعريبازي مسمات خورشيد، مسمات غلام فاطمه، مسمات رحيمان سولنگي، عمران ،زاهد سولنگي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيو ته 8 مئي تي حيدرآباد جي عدالت ۾ لاڙڪاڻو جي نوجوان ناري صوبيا ڌيءَ امداد ڀٽو حيدرآباد جي نوجوان نعمان پٽ الهڏنو سولنگي سان گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو آهي، لاڙڪاڻو مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کين 5 ڏينهن اڳ حيدرآباد هالا ناڪه ۾ گھر تي چڙهائي ڪري عورتن ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي گهوٽ نعمان سولنگي، سندس ڀاءُ نظير سولنگي، ڪنوار صوبيا ڀٽو کي زبردستي پوليس ڌاڙيلن جيان کنڀي کڻي ويا، مسلسل مٿن بيان مٽائڻ لاءِ مارڪيٽ پوليس ٿاڻي لاڙڪاڻو تي تشدد ڪيو پيو وڃي، پوليس کي پريمي جوڙي کي 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻو هو پر پوليس مخالفن جي ونگار وهي رهي آهي، اسان جا جيڪي به عزيز ٿاڻي تي وڃن ٿا تن کي گرفتار ڪري سندن موبائل فون ۽ هزارين روپيا ڪڍي مختلف ٿاڻن تي لاڪ اپ ڪيو ٿو وڃي، هنن سيشن جج لاڙڪاڻو، آء جي سنڌ ،ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل کوسو کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي،