سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته اسان هميشه واپارين جي سئلن جي حل سان گڏوگڏ شهري مسئلن جي حل لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي آهي ۽ ڪيترائي مسئلا حل به ڪرايا آهن، پيئڻ جي صاف پاڻي جي عدم فراهمي، تجارتي ۽ رهائشي علائقن ۾ صفائي سٿرائي جي ابتر صورتحال، روڊن تان اڏامندڙ مٽي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فقدان، ٽريفڪ جام جي عذاب شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، اسان شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن به صورت پوئتي نه هٽننداسين، انشا الله ماضي وانگر آئنده به واپارين سان گڏوگڏشهر جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي جنرل سيڪريٽري آغا محمد طاهر مغلپاران سکر اسمال ٽريڊرز جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيڻ جي موقعي تي پنهنجي اعزاز ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ ايس ڊي اي جي سينئر وائس چيئرمين غلام مصطفي ڦلپوٽو، عيدن جاگيراڻي، بابو مهر ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي اڳواڻن پاران حاجي محمد جاويد ميمڻ کي مسلسل ڇوٿون ڀيرو سکر اسمال ٽريڊرز جو صدر، محمد عامر کي جنرل سيڪريٽري، حافظ محمد شريف ڏاڏا کي سپريم ڪائونسل جو چيئرمين، حاجي عبدالستار راجپوت کي سيئنر نائب صدر، بابو فاروقي، محمد منير ميمڻ کي نائب صدر، محبوب صديقي کي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري، طارق علي ميراڻي کي جوائنٽ سيڪريٽري، عبدالباري انصاري کي فنانس سيڪريٽري، امداد جهنڊير کي ليگل ايڊوائزر، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ کي پريس سيڪريٽري، محمد رضوان قادري، جاويد ميمڻ، عارف ڀٽي، شعيب ميمڻ، رياض ابڙو کي ميمبر سپريم ڪائونسل چونڊجڻ تي گلن جا هار پهرائي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ شهرين ۽ واپارين جا مسئلا بهتري انداز سان حل ڪرائڻ لاءِ حاجي محمد جاويد ميمڻ پاران پيش ڪيل خدمتن تي آغا طاهر مغل پاران پڳ ۽ سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ پڻ پيش ڪيا.