لڙهي ويل اميدون“ تي هڪ تجزياتي تارَ رياض ابڙو
اڪثر ڪري ڪهاڻيون داستاني هجن ٿيون، جيڪي پڙهندڙ کي هڪ ڳوڙهي پلاٽنگ ۽ معني خيز Dialogue Delivery جي ذريعي هڪ لاڳيتي سفر تي وٺي وڃن ٿيون. اهي ڪهاڻيون عام طور تي گهٽ ۾ گهٽ ڏھ هزار لفظن تائين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏھ هزار لفظن کان وڌيڪ هجن ٿيون. گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون هڪ ڌڪ يا ويٺي ويٺي پڙهڻ لاءِ هونديون آهن، اهي اڪثر ڪري هڪ ئي موضوع، ڪردار، لقائن يا صورتحال تي بحث ڪنديون يا ڌيان ڏينديون آهن. ڪهاڻيون صدين کان وٺي لکبيون رهيون آهن، جن جا ابتدائي مثال قديم يونان ۽ هندستان مان ملي سگهن ٿا، جديد ڪهاڻي 19 صدي عيسويء ۾ اڀري آئي. انهن انگريز اديبن مان ڪجھ جديد ڪهاڻيڪار ڳڻي سگهجن ٿا، جيئن ”ايڊگر آلن پو، نٿنيئل هاٿورن ۽ انتون چيخوف“ وغيره وغيره، انهن سڀني جديد ڪهاڻيءَ جي ابتدائي Growth ۾ حصو ورتو. اڄڪلھ ڪهاڻيون ادب جون مشهور ۽ خاص صنفون آهن، جن کي لکڻ سان ڪيترن ئي نامور ليکڪن پنهنجي ادبي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جن ۾ هيل تائين هند ۽ سنڌ جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا. هونءَ انگريز ادب کي ڇڏي اسان وٽ جديد ڪهاڻي جي شروعات 60 واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي جيڪا مسلسل ترقي ۽ اوج واري دور ۾ آهي ۽ سٺي پئي لکجي.
ڪهاڻيءَ کي تمثيلي ۽ تشبيهاتي نموني Climax جي هڪ جملي تي بيهارڻ مان لڳندو آهي ته رائيٽر ڄڻ اهي نتيجا سمجهي يا ڏسي بس ڪهاڻي سرجي ٿو، يا لڳندو آهي ته ڪهاڻيڪار ڄڻ اهو هڪ Climax وارو جملو ذهن ۾ رکي اڳيان پويان ٻه مڪالما ۽ تشبيهون هڻي ڪهاڻي پوري ڪري ٿو وٺي. هتي هڪ ٻي ڳالھ به ڳنڍيون ته Manufactured ۽Climax Fake نه ٿا هڻي سگهجن يا ڪهاڻين کي Climax تي پورو رکجي باقي مڙئي خير آ. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته Climax ڪهاڻي کا ڇڄي هلندا آهن يا رائيٽر سمجهندو آهي ته بس اتي ئي ختم ڪجيس، جو متان ڪهاڻي گهڻي ڊگهي ٿي وڃي. ڪجھ رائيٽر ان ڳالھ جي انتظار ۾ به هوندا آهن ته رڳو Climax تي زور ڏئي، ڪهاڻي جيئن تيئن پوري ڪجي پر ائين به نه ڪجي، ۽ ضروري طور تي ڪهاڻيءَ جو گهرجون پوريون ڪجن. ڪنهن Mechanical Engineer کي چنجي ته هي سامان اٿئي ان مان هڪ اليڪٽريڪل يا پيڊل بنا هلندڙ آسان موٽر سائيڪل ٺاهي ڏيکار جنهن کي هلائجي ته اها پاڻ بجلي پيدا ڪري ۽ ان جي ڊائنامور ۾ اها طاقت هجي ته اهو موٽرسائيڪل کي به هلائي ۽ بجلي به ٺاهي ۽ موٽرسائيڪل دونهون به نه ڏئي، ته ان سامان مان ضروري آهي ته اهو انجنيئر موٽرسائيڪل ئي ٺاهي، نه ته اهو سامان يا ان جي انجنيئرنگ ڪنهن ڪم جي ناهي، يا لکي عيسيٰ ۽ پڙهي موسيٰ واري ڪار نه هجي. ساڳي ڳالھ ته رائيٽر به جڏهن ڪا وارتا ۽ لقاءُ ڏسي يا ڪا شيءِ لکڻ جي ڪوشش ڪري ته اها شيءِ اها ئي بيهي جنهن جي گهرج هجي يا انڌي منڊي شيءِ ٺاهي رڳو جان نه ڇڏائي. مثال جي سڀ ان تخليق کي مسلسل غزل چونس يا ڪي ان کي گيت چون يا ان ڳالھ تي اٽڪي پون ته زليخا مرد هئي يا مائي ته پوءِ تخليق ڪنهن ڪم جي ناهي. يا تخليق جي Advocacy جڏهن سرجڻهار رڳو پاڻ ڪري ته پوءِ به تخليق ڪم جي هجي، نه ته نه، پر تخليق جي ساراھ جڏهن جڳ ڪري ته پوءِ ڪم جي آهي.
ڪهاڻيون Objectivity ۾ Structure يا گهاڙيٽي ۾ هڪ خاص رواني کڻي هلن جو جيڪڏهن ڪير ڳالھ ڪري ته اها ڳالھ سمجهي وڃجي يا ڳالهائيندڙ کي ائين نه چئجي ته تو ڇا چيو. ڪردارن جي گهڻائيءَ کان پاسو ڪجي (يا ڪردارن جي گهڻِ ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي متان ڪهاڻي جي گهرج به هجي ان تي راءِ نه ٿي بيهاري سگهجي) ان ڪري ڪهاڻيون ان سبب Advocacy ۾ کٽي ٿيون پون. ڪردار پاڻ فصيح ۽ بليغ هجن، انهن جي Profiling سٺي هجي يا ڪجي، انهن جا Dialogue ورلي نه پر Frequent ڏنل هجن ۽ هڪ مخصوص گهاڙيٽن ۾ ڪهاڻيون هلنديون هلن. يا Objectivity مان شيون Practicality ۾ ڪيئن ثابت ڪجن يا اهي ڪهاڻيون Ontological حوالي سان ڪيئن هجن، مثال جي اهي خيالي آهن ته معني رڳو Subjectivity کڻي کنئيون ٿيون هلن. ڪهاڻين ۾ Surrealism به هجي، معني ڪهاڻيون جٿي حقيقت تي مبني به هجن ته اتي افسانوي رنگ به ڀري هلن. مڃون ٿا ڪهاڻيڪار معروضي شين جي ماپائڻ جو ماهر ٿئي ٿو، ان وٽ بيروني عڪس وڏيون آکاڻيون ۽ سمجهاڻيون کڻي ٿا لهن، ۽ رائيٽر تي هڪ سحر ۽ لکڻ جو موڊ طاري ٿو ٿئي ۽ هو جهٽ ۾ اها تخليق ذهن تان لاهي پنن تي چٽي رکي ٿو ڇڏي. اتي رائيٽر جي اندروني Intrinsic قدرن جي ڳالھ به ڪجي، ان ڪري اُڻ تُڻ جيڪا ان جي اندر ۾ هجي ٿي يا جيڪي احساس ان جي اندر ۾ اڀرن ۽ جنمن ٿا اهي به آتا هجن ٿا ته اهي به ڪنهن طرح پنن تي جاءِ وٺن. پر اها به حتمي راءِ ناهي ته متڪلمي ڪهاڻيون يا ڪنهن به صيغي ۾ ڏنل ڪهاڻيون رائيٽر جي Ownership کان الڳ هونديون يا آهن يا ٿي سگهن ٿيون يا رائيٽر تي بيروني عڪس وارو ڪري ٿا وڃن ۽ رائيٽر به انهن معروضي شين مان متاٿر ٿئي ٿو.
ڪهاڻي سماجي دردن تي آڌاريل هجن ته ڳالھ ۾ وزن به هجي ٿو، وري ڪهاڻيون وڪالتي، مڪالماتي ۽ سوالن جوابن واري رنگ ڍنگ ۾ هلن ته ڀلو هجي، ڇو ته انهن ڪردارن جي تاثير ڀلي هجي ٿي يا ٿي ٿي پئي. ڪهاڻي هڪ آکاڻي ٽائيپ ٿي پوري نه ٿئي، ڪهاڻي توڻي جو رواني ۽ Diction ۾ لاجواب هجن ٿيون، پر ساڳي جاءِ تي ڪهاڻيون هڪ ڳوڙهي ٻولي، زبردست مڪالما، لاجواب منظرڪشيون کڻي هلن يا هڪ طرح سان ادبي ٻولين کان وانجهيل نه هجن، جنهن ۾ رائيٽر اها ڪوشش ڪري ته هو ڪجھ دلڪش منظرنگاريون اُڻي هلي، پر پلاٽ جي نسبت سان منظرنگاريون ڪري هلي، منظرنگارين ۾ ڳوڙهي ٻولي استعمال ڪري ۽ پڙهندڙ ائين سمجهي ته ڪهاڻي زبردست آهي ۽ ڪهاڻي اندر اهي لوازمات پورا ٿيل آهن. ڪهاڻيون يڪسانيت جو شڪار نه هجن يا آکاڻي پڻي ۾ ٻُڏي نه وڃن يا هن دور ۾ به ڪهاڻيون 60 واري ڏِکَ نه ڏين ۽ ڪجھ نواڻ ڀَري هلن جنهن ۾ پڙهندڙ ۽ نقاد اها ڳالھ مڃي ته هي ڪهاڻي واقعي 2024 ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. پلاٽن جي جوڙجڪ مڃون ٿا ته تمام گهڻي جديد آهي ڇو ته ڪهاڻيڪار Surrealistic هجن ٿا انهن ۾ هڪ ڪاريگري هجي ٿي ته اهي جڏهن لقائن کي ڏسن ٿا يا پاڻ تي ڪا شيءِ ٿيندي يا ڪو احساس سندن جي حسرت بڻجي ٿو پئي يا اظهار درد ۾ ٻُڏي مُنجهي ڪنهن تخليق جي صورت اچن ٿا ته هو رائيٽر به انهن Intrinsic زمرن يا External Forces جي دٻاءَ ۾ اچي ڪجھ شيون اظهاري ٿو.
هن کان اڳ خوشبو بلوچ جو پهريون ڪتاب ”سماج ۽ سچائي“ آيل آهي ۽ هي هن جو ٻيو ڪهاڻين جو ڪتاب ”لڙهي ويل اميدون“ ساڳي سال (2022) ۾ ئي آيل آهي. ڪتاب جي ارپنا ڏاڍي ڀلي ٿيل آهي، جيڪا 2022 جي ٻوڏ متاثرن جي نالي ڪيل آهي ۽ انهن بي گناھ شهيدن جي نالي ٿيل آهي جيڪي رياستي بي حسيءَ جي ڪري به سبب ٻڏي ويا، ڪتاب جي پبلشر (شعور پبليڪيشن حيدرآباد) اصغر شر جي طرفان اداري پاران لکيل ڏاڍو ڀلو آهي، ڪتاب ۾ پنهنجي پاران سان گڏ انمول ميمڻ جو تاثر شامل آهي، ڪتاب جو مهاڳ جعفر شاهاڻي جو لکيل آهي، جيڪو انتهائي مفصل آهي، (خوشبو بلوچ جي پهرين ڪتاب ۾ به علي عاجز شر جو تاثر لکيل آهي) هن ڪتاب جي ڪهاڻين جي ترتيب ۾ ”پيتي، کنوڻ، سفيد پوش ڏک، ڌيئرون ۽ سندس ماءُ، حصو، شهزادي، ڏک ڀري خوشي، وقت رڪجي وڃي، ٻوڏ ۾ لڙهي ويل اميدون، (پر ڪتاب جي سرورق تي رڳو ”لڙهي ويل اميدون“ لکيل آهي) ٻڏل ڳوٺ ڏانهن واپسي، احتجاج، بُک، اباڻو شهر، ٻڏل گهر ۽ مرشد“ جو حڪم ڪهاڻيون ڏنل آهن. هن ڪتاب جي آخر ۾ ڪجھ نظم به ڏنل آهن جن ۾ ”پورهيت، هڪ ماءُ سوچي ٿي، برسات، اڻ کٽ سُڏڪا، منهنجا مارو، خالي وارڊ، بند ٿا ڀڄن، وقت جو استعمال، خوبصوت مستقبل، لڙهي ويل آڱريون، لڙهندڙ ديڳڙي، لڙڪن جون لارون، زندگي، شڪايت ۽ چشم تَرِ“ شامل آهن، جن مهاڳ يا تاثر اقبال بلوچ لکيو آهي، پر هڪ راءِ اها به آهي ته اهي نظم ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ شامل ڪجن هان ۽ ڪتاب رڳو ڪهاڻين تي محيط هجي هان ته ڀلو هيو، توڻي جو نظم به انهن ٻوڏ متاثرن جي منظرن ۾ سرجيل آهن پر نظم جي هڪ الڳ ڪتاب ڏجي هان ۽ ڪهاڻيون ڀلي دير ئي سهي پر ڀرپور ڪري ڏجن هان، پر مصيبت اها به آهي ته اسان وٽ تخليقي شيون به Current Affairs وانگي هجن ٿا جيئن ڪرونا COVID-19 واريون وارتائون به ائين طوفاني حالتن ۾ لکيون ويون ۽ رائيٽرن ۽ دنيا جي تحقيق دادن به باھ ٻاري ڏني ۽ مسلسل ان ڳالھ تي لکين ته ڪرونا ۾ ڇا ڪجي يا ڇا نه ڪجي ۽ هاڻي چن ٿا ته ڪورنا صحيح نه هيو هڪ فراڊ هيو (جنهن جو وڊيوز يوٽيوب تي پيون آهن).
ڪتاب جي توسط سان اها ڳالھ ورجائجي ٿي ته دنيا جي پهرين درجي جي ملڪن ۾ ٻوڏن، فليش فلڊ، دريائي چاڙھ، ندين جي طغياني، ڊيمن جو ٽٽڻ، ڊيمن جي ڪري سِمَ ۽ سَيڪ جا مسئلا، مون سون جي بدلجندڙ ”اسپيل“ جي ڳالھ، سموري ملڪ ۾ پاڻيءَ جي وافر مقدار ۾ جمع ٿيڻ يا موسمي ڏمرن جي ڪري سوڪهڙا، ۽ بارشن جي گهڻائي جي ڪري مال متاع، جُهڳا، ڀُنگيون، مَنهنَ، ڪچا پڪا گهر، اناج، زرعي زمينون ۽ غريبن جو اَلھ تَلھ لُڙهِي چَٽُ ٿي ٿو وڃي، جيڪا رياستي بي حسي آهي ته جتي شهري انفرا اسٽرڪچر ڀلا ۽ مضبوط اهن اتي ڳوٺاڻا به ان مضبوط سسٽمن جا والي هجن. ان ڪري انهن وارتائن ۽ لقائن ۾ رائيٽر جا احساس ۽ درد به اوٿل ٿا کائن، ۽ گهڻي ڀاڱي سڀ رائيٽر پاڻ ملهائن ٿا، شاعر شاعريون سرجن، ڳائڻا درد ڳائي ماڻهن جو آواز بڻجن ۽ انهن جو ڀرجهلو ٿين، ڪالم نگار به پاڻ ملهائن، ٽي وي پروگرامن جي هڻ هڻان ۽ ماڻهن کي اها ڳالھ سمجهائن ته انهن جي دردن جي آھ اربابِ اختيار تائين پڄي ٿي ۽ اهي اڪابر انهن جي ڳالھ ورجائيندا. ان ڪري ته ٽين دنيا جي درد به غريب ۽ بي سمجھ ماڻهن وانگي اٻوجھ ٿين ٿا، جن جي ڪٿَ ائين ڪري سگهجي ٿي ته پاڻي جي گهڻائي به ٻوڙي رکين ۽ پاڻيءَ جي گهٽتائي به سُڪائي رکين، جو نه هيئن سُک ۽ هونءَ سُک. خوشبو به ان لقائن ۾ پاڻ کي جهَلي پَلي نه سگهي ۽ ڪهاڻين جي مٿان ڀرپور ڪهاڻيون ڏيندي وئي. مهڙَ ۾ ڏنل ڪهاڻي ”پيتي“ ۾ منظرڪشي لاجواب ڏنل آهي، ڪهاڻيءَ ۾ دردن جي اوٿل، ڊائيلاگ، ڪردارن جي ڳڻتي، بارش جو مسلسل وسڻ جا منظر ڀرپور ڏنل اٿس، جو پڙهندڙ جي آڏو اهي سڀ لقاءَ پيا ٿا هلن. پر ڪهاڻي جا مڪالما ڄڻ ڊارمي جا مڪالما ٿي ٿا پون، پر Expressions سان گڏ جي ڪهاڻيءَ جا مڪالما به هلايا وڃن هان ته ڀلو هيو، هونءَ ڪهاڻي جا ڊائيلاگ ڏاڍا ٺيٺ آهن، رائيٽر ڪهاڻي کي ڏاڍو ڀلو نڀايو آهي، (ڪهاڻي ڪتابن ۾ تصويرون نه هلائجن، ان ڪري ڪهاڻي اختراعاتي هوندي آهي، ساڳي جاءِ تي ڪهاڻي ڀلي Surrealistic به هجي يا هوندي آهي، پر ساڳي جاءِ تي حقيقت تي به مبني هجي ٿي، پر پوءِ به رائيٽر جي هٿ جو ڪمال هجي ٿو، ان ڪري هڪ راءِ اها به آهي ته حقيقي تصويرون رڳو خبرن ۾ سونهن ٿيون، ڪهاڻيون Scatches جون گهرجائو هجن ٿيون، ان ڪري ڪتابن ۾ نه ڏجن ته ڀلو، هڪ راءِ آ).
ڪهاڻي ”کنوڻ“ به ساڳي برساتي منظرن ۾ لکيل آهي، ۽ ڏاڍي ڀرپور لکيل آهي، جنهن ۾ کنوڻ ڪِرِڻ جا منظر ان کانپوءِ Post Effects ۾ غريبن جي درد ڪٿا اُڻيل آهي. ڪهاڻي ”سفيد پوش“ به بارشي منظرن واري ڪهاڻي آهي، ڪهاڻي اندر سفيد پوشي، غريبي، لاچاري، بُک، بدحالي ۽ اميرن جي لُچائي ڏيکاريل آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ اهي تنطيمون جيڪي رڳو بارشن ۾ نظر اينديون آهن، اهي غريبن جي مجبوري جو فائدو به وٺنديون آهن، مثال جيڪي شهري اين جي اوز ۽ عام ڀلائيءَ واريون تنظيمون آهن، اهي رڳو شهرن ۾ نظر ٿيون اچن، اهي ڪڏهن به ڳوٺاڻي ماحول ۾ ڪم نه ٿيون ڪن. ”ڌيئرون ۽ سندس ماءُ“ ڪهاڻيءَ ۾ رائيٽر خوشبو بلوچ ڄڻ ڪيمرا کڻي بيهي ٿي جو “متڪلم“ ڪردار اهي سڀ لقاءَ پسي لکندو ٿو وڃي ۽ ٻڌائيندو ٿو وڃي ۽ اهڙي حقيقت نگاري جو ماڻهو پڙهي هنجون هاري ويهي. اها دعويٰ آهي ته درد ڪنهن حد تائين جي لکي سگهجي ٿو ته لکجي، ۽ ان درد کي انهن اربابِ اختيار تائين پڄائجي ته من انهن کي جُهٻو اچي، ان ڪري ته اها به هڪ Type of Contribution آهي جيڪا رائيٽر پنهنجي حصي ۾ سمجهي ڪري ٿو ڇڏي. ڪهاڻي ”حصو“ ۾ درد ٻيڻو ڪري لکيو ويو آهي، ان ڪري ته بارشن ۾ اها حالت هئي جو قبرستان به پاڻيءَ سان ڀرجي ويا هيا، جو ماڻهن جي مرڻ جي گنجائش به نه هئي، ڇو ته مرڻ واري کي دفنائڻ جي لاءِ زمين جو ٽڪرو اهڙو نه هيو، جيڪو خالي هجي، هيءَ هڪ انتهائي ڀلي ڪهاڻي آهي. ”شهزادي“ ڪهاڻي ۾ فليش فلڊ جي درديلي آکاڻي پوئي وئي آهي، جنهن ۾ شاديءَ جي موسم ۾ بارشي موسم اچي سمورو ڪم ڊانواڊول ڪري ٿي وڃي ۽ ڪردار “شهزادي“ جا پيءُ ماءُ به پاڻيءَ ۾ لڙهي ٿا وڃن.
ڪهاڻي ”ڏک ڀري خوشي“ به ساڳي بارشن جي حال جي بي حالي ۽ بدحالي جي منظرنگاري ٿي ڪري، جنهن ۾ ڳورهارين ماين جا مسئلا، نون ڄاول ٻارن جا مسئلا، دوائن جي کوٽ، اسپتال ۽ ڪلنڪ تائين پڄڻ جا مسئلا ۽ انهن جي پويان بارشن جي تيز پاڻيءَ ۾ سندن گهرٻار، مال متاع ۽ ٻارٻچا لڙهي هليا وڃن ته درد کين روئاري آھ زاري ٿو ڪرائي ڇڏي. ڪهاڻي ”وقت رڪجي وڃي“ ۾ ساڳي شديد بارشن جي لقائن ۽ دردن جي ڳالھ پويل آهي. ٽائيٽل ڪهاڻي ”ٻوڏ ۾ لڙهي ويل اميدون“ ڏاڍي ڀلي پلاٽ تي آڌاريل ڪهاڻي آهي. اها به حقيقت آهي ته هر ڪهاڻيڪار گهڻي ڀاڱي هڪ خاص Exaggeration مان به ڪم وٺندو آهي، پر مشاهدي طور ڏٺو وڃي ته دريائي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ، بارشن جي پاڻيءَ جا وهڪرا، پاڻي جو ملڪ جي اترئين طرف کان فِلَشَ ڪري وهي اچڻ وغيره وغيره، پر انهن سڀني وارتائن ۾ لقاءَ مختلف هجن ٿا، توڻي جو هر ڪهاڻيڪار جي مشاهدي جي عينڪ انتهائي لاجواب هوندي آهي، ان ڪري انهن پاڻيءَ جي زور آورين جي ظلمن جي شدت ۽ داستانن ۾ به ڪجھ فرق رکجي ته ڀلو. ان ڪري Fictitious ۽ گاڏڙ ساڏڙ Realism جي ڳالھ وري ڪيون يا ٻنهي کي گڏي سَڏي ڳالهايون ته Surrealism واري ڳالھ پوءِ سمجهي سگهجي ٿي، ان تناظر ۾ خوشبو بلوچ جون ڪهاڻيون Subjectivity لاجواب آهن ۽ خوشبو جون ڪجھ ڪهاڻيون شاهڪار به آهن. Objectivity يا حقيقت نگاري جي بنيادن تي جي ڳالهائجي ته اتي ڪجھ Realism واري ڳالھ به سهيڙجي، بهرحال خوشبوءَ جون ڪهاڻيون تمام لاجواب ۽ انتهائي حقيقت تي مبني آهن. ڪهاڻي ”ٻڏل ڳوٺ ڏانهن واپسي، احتجاج، بُک، اباڻو شهر، ٻڏل گهر ۽ مرشد جو حڪم“ جهڙيون ڪهاڻيون جن ۾ ماڻهن جي درد جي انتها ڏيکاريل آهي جن ۾ Tent City کان وٺي خيمن ۾ ترسيل ماڻهن جا درد، زائفن جا ڏک، اتي وري زندگي جي آسودگين کي ڇڏي رڳو ماڻهن کي اٽي، لٽي ۽ اجهي اڙايو، جو اهي غريب بي يارومددگار رياست جي آسري مري کپي ويا، پر رياست تعصب پرستي جي آڳ ۾ انهن غريب ۽ متوسط طبقن جي سار نه لڌي، ان ڪري درد اهو به آهي ته اهي غريب ملڪ (ڳوٺ) قيامت تائين غريب ئي رهندا.
خوشبوءَ جي ڪهاڻين ۾ Narration ڏاڍي ڀلي ڏنل آهي، مثال ڪهاڻيڪار جيڪا وارتا ڏٺي، ٻڏي، اخبار جي خبر آئي، ڪو درد اڀريو، ڪنهن غريب جو جُهڳو ڊَٿو، مينهن غريبن جا اَجھا تباھ ڪيا، بارشن ۾ ڪنهن جي مٿان ڇت ڪِري پئي، ڪنهن غريب جي ڌيءُ جي ڏاجي جو سامان بارشن جي پاڻيءَ ۾ لُڙهي هليو ويو، مال متاع، انَ اَٽا، گهرگهاٽ ڊهي پٽِ پئجي ويا ته انهن هڙني وارتائن خوشبوءَ جي Instinctive Feeler کي جاڳايو ۽ خوشبوءَ کي جھُٻو آيو ۽ هن ڪا ڪهاڻي گهڙي ورتي. حقيقت ۾ اها وڏي Crafting آهي، جو جيڪا ڳالھ ڏسجي، ان کي ڪهاڻي بڻائجي ۽ اهڙي سيبتي ڏانءَ سان لکجي جو پڙهندڙ محظوظ ٿئي ۽ سمجهي ته ڪهاڻي ۾ Surrealism ايترو ته ڀرپور آهي، جو ڪٿ ڪجي ته ڪهاڻي ڄڻ ڪا سچي هجي يا سچ تي مبني جيڪي به ڪردارنگاريون ٿيل آهن، اهي اسان جي اوس پاس ۾ ئي وسن ٿيون. ڪتاب ۾ ڪهاڻين جي گھڻائي 2022 جي بارشن جي منظرن ۾ ٿيل تباهن ۽ دردن جي آهي، جن جي ڪري ڪهاڻيڪار جي لاءِ تعريف جا بند ٻڌجن ۽ ڪهاڻيڪاره کي جس ڏجي، ان ڪري ته درد جي زبان ناهي ٿيندي، پر احساس ڪري سگهجي ٿو. دردن کي ماپي نه ٿو سگهجي ته درد ڪيتري ڊگري تي بيٺل آهي يا بخار وانگي چئجي ته ان بخار جا درجا ڪيترا يا گهڻا هجن پر ساڳي جاءِ تي محبتون ڪَٿي ۽ ماپي نه ٿيون سگهجن، ڇو ته درد جي احساس کي رڳو محسوس ڪجي يا ڪري سگهجي ٿو. حقيقت اها به آهي ته دنيا ۾ غريبن کي ماڻهو رڳو ڏسندا هوندا پر غربت ورلي ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺي هوندي، پر انهن ٻوڏن جي درد ۽ خوف کي ڪير سمجهي سگهيو هوندو يا انهن ئي سمجهيو هوندو جن تي کنوڻ ڪري هوندي، جن جا ٻارٻچا بکن، ڏکن، بيمارين وگهي، ڪنهن بي گهري ۽ دردبدري ۾ هوندا، انهن ئي تڪليفون ڏٺيون ۽ سمجهيون هونديون، ڇو ته اها قيامت ڪنهن ڪنهن جي مٿان گذري هوندي. ان ڪري ته درد جو مشاهدو ۽ درد جي پيڙھ ٻه الڳ شيون آهن، ڊاڪٽر ڀلي دوا ڏئي ۽ درد جو علاج ڪري، پر درد جي پيڙھ جو احساس ۽ خبر ان مريض کي هوندي آهي جيڪو ان درد ۾ مبتلا هجي ٿو. ان سموري ٻوڏ واري وارتا ۾ رياست جي بي حسي ۽ بي ضميري ئي آهي، جنهن جي ڪارڻ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن بهاني زندگيون وڃائي ويٺا، جيئن خوشبو پنهنجين ڪهاڻين ۾ اهي سمورا درد اوتي رکيا آهن، جن ڪهاڻين پڙهڻ سان درد ۽ ان پيڙھ کي رڳو Recall ڪري سگهجي ٿو، انهن منظرن ۾ درد ڏسي وري اکيون آليون ڪري سگهجن ٿيون، جو جڏهن ماڻهن پنهنجن ٻچن کي مٿي تي ٽوڪريون رکي پاڻي پار ڪرايو هيو. خوشبوءَ جي ڪهاڻي ”پيتي“ ۾ ساڳي وارتا ۽ لقاءُ چٽيل آهي، جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، انهن ٻوڏن ۾ درد جي پيھ تمام گهڻي هئي، جو ماڻهن پنهنجي زندگيءَ ۾ يا سموري حياتيءَ ۾ ايترو پاڻي نه ڏٺو هوندو، جيترو پاڻي انهن بارشن ۾ انهن جي ڪچن گهرن ۾ ڪاهي پيو هيو ۽ انهن جا الھ تلھ چٽُ ڪري وهي نڪري ويو، وري ڪٿي ڪٿي مهينن جو پاڻي مهينن جا مهينا به بيٺو رهيو، ان ساڳي پيڙھ ۽ درد جي انتها کي خوشبوءَ به محسوس ڪيو ۽ ان درد کي ڪهاڻين جي صورت قيد ڪري امر ڪري ڇڏيو. اميد آهي ته خوشبو بلوچ اهڙا انمول ڪتاب ڏيندي رهندي ۽ ان ساڳي Craft سان ڪهاڻيون سرجيندي رهندي ته جيئن پڙهندڙ سندس زبردست ڪهاڻين کان آشنا ٿيندا رهن.
Riyaz Abro (PhD),
Sindh Madarsatul Islam University – Karachi.