گمبٽ ۾ برادري جي بااثرن جي ناجائزين خلاف پورهيت معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت تحفظ ۽ انصاف لاء دانهن ڏيڻ گمبٽ ميڊيا سينٽر پهچي ويو صحافين اڳيان بااثرن جي حملي تشدد ۽ زمين تي ٿيل مبينا قبضي خلاف احتجاج اعلي اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو
خبرموجب گمبٽ جي ڳوٺ مٺل اڄڻ واسي پورهيت سنڪدر علي اڄڻ پنهنجي معصوم ٻارڙن غلام زينب ، زهرا خاتون ، علي سدا ، محمد ابراهيم ، محمد عثمان ، عورتن ضمير خاتون ، مٺل خاتون ، سميت نٽھڻ اس ۾ ٽي ڪلو مارچ ڪري بااثرن جي تشدد ۽ حملي خلاف اعلي اختيارين کي دانهن ڏيڻ لاء ميڊيا سينٽر گمبٽ پهچي صحافين اڳيان دانهيندي ۽ احتجاج ڪندي چيو ته برادري جي بااثرن الله رکيو ، شير خان ، غلام شبير ، نادر علي ، معروف علي ، ۽ ٻين بلا جواز اسان جي مٿان حملو ڪري چادر چئو ديواري جو تقدس پئمال ڪندي عورتن معصوم ٻارڙن ۽ مون مٿان سخت تشدد ڪري اسان کي خوف زدها ڪري ڇڏيو آهي بااثر منهنجي هڪ ايڪڙ زرعي زمين مٿان به قابض بڻيل آهن عدالت سڳوري مزڪورهه زمين جو فيصلو منهنجي حق ۾ ڏنو آهي پوء به بااثر قبضو نٿا ڇڏين ويتر منهنجي فيملي کي جاني مالي نقصان پهچائڻ لاء هر وقت حملي وار بڻيل آهن پورهيت آهيان ايس ايس خيرپور سميت حد ٿاڻي گمبٽ اڳيان به دانهين دانهين ٿڪجي پيو آهيان جوابدار بااثر هجڻ ڪري انصاف نٿو ملي خوف سبب ٻارڙا اسڪول به وڃي نٿا سگهن هن ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين کي اپيل ڪندي چيو آهي ٿه مون بي سهارا غريب جي مدد ڪري منهنجي فيملي مان بااثرن جو خوف ختم ڪرڻ لاء مون مٿان حملا آوارن کي گرفتار ڪري ڪو قانوني قدم کڻي مون کي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي