ڪراچي (16 مئي)
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران گورنر هائوس ۾ روزگا اسڪيم جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ڪاروباري تجويز پيش ڪندڙن جو انٽرويو ڪيو ويو. ۽ ڪجھ پروپوزل جي منظوري ڏني وئي۔ تقريب ۾ ھڪ صحافي۔ سڀ کان ننڍي عمر جي شاگرد ۽ بزرگ عورت کي هڪ هڪ آءِ فون 15 ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو گورنر چيو ته هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري رهيا آهيون۔ سٺي ڪاروباري تجويز لاءِ رقم فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، اها رقم ناقابل واپسي هوندي، هن چيو ته واپاري ڀائرن سان گڏ ٿي ڪاروبار جي لاء اربين رپيا ڏنا ويندا۔ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهيان۔ الله جي رضا لاءِ ڪري رهيو آهيان۔ پاڪستان جي خوشحالي لاء سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهيان۔ هن چيو ته اڄ پهريون ڏينهن هو، سمورا پروسيس توهان جي سامهون ٿيو۔ روزگار اسڪيم هڪ سال تائين جاري رهندي پروپوزل ڏيندڙن ۾ ڪلثوم فضل (بيوٽي پارلر)، شاهد بدر (ميڊيڪل اسٽور)، رضوان قريشي (فوٽوگرافر/ڪئميرا)، تيمور (سافٽ ويئر هائوس)، ارم ناز (ٽيوشن سينٽر) اريبه ستار (انگلش لئنگويج سينٽر)، ملڪ تيمور (انٽرنيٽ سروس)، مصطفيٰ جمال (ڪپڙي جي دڪان) جا نالا شامل آهن. ان موقعي تي هڪ عورت کي پنهنجي ڪاروبار جي رجسٽريشن لاءِ هڪ لک رپيا ڪيش ڏنا ويا ۽ هڪ معذور کي آٽو گاڏي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو.
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران گورنر هائوس ۾ روزگا اسڪيم جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. ن

خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1
Leave a comment