حيدرآباد : ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احسن علي قريشي ناظم امتحان ڊاڪٽر مسرور احمد زئي سان گڏ اڄ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي تحت جاري سالياني نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو_ دوري دوران ڪمشنر حيدرآباد چيو ته اسانجي اولين ترجيحي آهي ته شاگردن ۾ نقل جي رجحان کي روڪيو وڃي ته جيئن شاگرد پنهنجي نصابي تعليمي محنت ۽ صلاحيتن سان امتحان ڏئي معاشري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن _ ڪمشنر حيدرآباد ماڊل اسڪول اولڊ ڪيمپس، گرلز سوسائٽي اسڪول، گورنمينٽ نيول راءِ اسڪول گول بلڊنگ جي امتحاني مرڪزن سميت ٻين مختلف امتحاني مرڪزن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ ڪلاسن ۾ وڃي امتحاني عمل جو معائنو ڪيو جتي شاگردن کي نقل کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اهي محنت سان پاڻ ۾ صلاحيت پيدا ڪن ۽ پنهنجي قابليت سان امتحان ڏين _ ان موقعي تي انٽرنلز ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته امتحاني مرڪزن جي ڪمرن ۾ پيئڻ لاءِ ٿڌي پاڻي، لائيٽنگ کي يقني بنايو وڃي ته جيئن شاگردن کي امتحاني ۾ ڏيڻ ڪنهن مشڪلات کي منهن نه ڏيڻو پوي _ دوري دوران ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ٻڌايو ته ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ حيسڪو عملدارن سان هڪ اجلاس منعقد ٿي چڪو آهي جنهن ۾ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي روزاني جي بنياد تي امتحاني مرڪزن جو دورو ڪري رپورٽ پيش ڪن ۽ حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي امتحاني وقت دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪن ته جيئن شاگردن کي امحاني ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي مشڪلات کي منهن نه ڏيڻو پوي _