سکر: باگڙجي ۾ قبيلائي خوني ويڙهاند ۾ هڪ مهيني اندر ماءُ ۽ پٽ جي قتل وارو معاملو
ماءُ ۽ ڀاءُ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ معصوم نياڻيون سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويون
ڪريمت ڌيءَ سوجھرو پنهنجي ننڍي ڀيڻ رابعه سان گڏ احتجاج ڪيو
ٽي هفتا اڳ اسان جي ڀاءُ عبدالحڪيم کي جوبدارن سڄڻ جتوئي، احسان، نويد، شهزادو، عرفان، ابرار جتوئي ۽ ٻين حملو ڪري قتل ڪيو، متاثر نياڻيون
اسان جي احتجاجن باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو، متاثر نياڻيون
هفتو اڳ ٻيهر جوبدارن حملو ڪري اسان جي امڙ ڪامل خاتون کي قتل ڪيو، متاثر نياڻيون
جوابدارن خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود باگڙجي ٿاڻي جي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، متاثر نياڻيون
اسان جي مردن کي جان جو خطرو آهي ان ڪري انصاف لاءِ اسين نڪتيون آهيون، متاثر نياڻيون
اسان کي اڃا تائين قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اسان کي زمينن تي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، متاثر نياڻيون
جوابدار سرعام باگڙجي شهر ۾ گهمي رهيا آهن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، متاثر نياڻيون
بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، متاثر نياڻيون