پر امن پاڪستان بين المذاہب هم آهنگي برائي ادارہ انساني حقوق جي مرڪزي چئيرمين خليفو محمد تسليم راجپوت ٽنڊوڄام ٿاڻي جي وڏي منشي اعجاز علي انڙ ۽ فياض علي انڙ سان ملاقات ڪئي.
ٽنڊوڄام م امن امان جي صورتحال کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ پنهجي ڀرپور تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي مرڪزي چئيرمين خليفو محمد تسليم راجپوت پاران اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو ۽ چيو ته ٽنڊو ڄام م ڏوهن م ڪمي آئي آهي جنهن جو ڪريڊٽ ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام فرحان ميمڻ ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام فرحان ميمڻ جنهن ڏينهن کان ايس ايڇ او مقرر ٿيو آهي ان ڏينهن کان وٺي ڏوهن م مڪمل طور تي ڪنٽرول آيو آهي ان موقعي تي خليفو محمد تسليم راجپوت دعا ڪئي ته الله پاڪ اهڙن پوليس آفيسرن کي سدا سلامت رکي جيڪي عوام جي خدمت حفاظت لاءِ هر وقت چوڪس رهڻ ٿا ان موقعي تي صوبائي سنڌ جي سينيئر نائب صدر رئيس شمن علي چانڊيو ٽنڊو ڄام سٽي جي صدر امان الله ويسر ذيشان راجپوت اورنگزيب ڀٽي به موجود هئا
پر امن پاڪستان بين المذاہب هم آهنگي برائي ادارہ انساني حقوق جي مرڪزي چئيرمين خليفو محمد تسليم راجپوت ٽنڊوڄام ٿاڻي جي وڏي منشي اعجاز علي انڙ ۽ فياض علي انڙ سان ملاقات ڪئي.

خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
1
+1
Leave a comment